پورهيت جي گهر تي حملو، ناري اغوا، انصاف جي اپيل

شاهپورجهانيان (اسد ٻگهيو) شهر جي وارڊ نمبر 3 ۾ غريب پورهيت معشوق ماڇي جي گهر تي هٿياربندن جو حملو، شادي شده ناري فرزانا ماڇي کي اغوا ڪري ويا، هٿياربندن پاران معصوم ٻارڙن ، عورتن ۽ گهر ڀاتين تي تشدد ،مزاحمت ڪرڻ تي عورت شميم ماڇي زخمي، اهڙي ناجائزي خلاف متاثرن معشوق ماڇي،سهڻي ماڇي، منيرزادي، عرفان ۽ عابد ماڇي صحافين کي ٻڌايو تہ هٿياربندن علي حسن ماڇي، بگا ماڇي، حسين ماڇي، حاڪم ماڇي، دلبر ماڇي ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر تي حملو ڪري، اسان جي ناري فرزانا  کي زوري اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو تہ مذڪوره ماڻهو بااثر آهن، جيڪي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، اسان جي نياڻي فرزانا ماڇي جو مڙس دلبر ماڇي نشائي آهي، جيڪو نشي ۾ ڌت ٿي ، اسان جي نياڻي تي تشدد ڪندو آهي ، جنهن جو ڪيس مورو ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، ان تان مڇرجي هٿياربندن حملو ڪرڻ بعد غريب پورهيت معشوق ماڇي کي دولتپور ٿاڻي تي لاڪپ ڪرايو آهي، ان جي انويسٽيگيشن ڪرڻ لاء پوليس تيار نہ آهي، پوليس بااثرن سان مليل آهي، جيڪا رشوت وٺي اسان مٿان ظلم ڪري رهي آهي، هنن ڊي آء جي شهيد بينظيرآباد ، ايس ايس پي نوابشاهہ کان مطالبو ڪيو آهي تہ اسان جي گهر مٿان حملو ڪندڙ هٿياربندن خلاف ڪاروائي ڪري ، اسان جي گرفتار پيء معشوق ماڇي کي آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو