پهرين محرم،شهادتِ اميرالمومنين حضرت عمر فاروق اعظم

ليکڪ   عبدالفتاح عباسي 

الله تعاليٰ جي پياري محبوب حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جا صحابه اڪرام اهي نفوسِ قدسيه آهن جن مديني واري شهنشاهه صلي الله عليه وسلم جي رخ روشن سان پنهنجي اکين کي ٿڌو ڪيو پاڻ ڪريمن صه جي رفاقت ۽ صحبت جو لازوال شرف حاصل ڪيو.دينِ حق جي ڦهلائڻ، اسلام کي سربلند ڪرڻ لاءِ انهن جا عظيم الشان ڪارناما ۽ قوتِ ايماني جا اهڙا روشن ڏيئا آهن جو قيامت تائين ايندڙ انسانن کي ڪاميابيءَ جو رستو ڏيکاريندا رهندا.مٺڙي آقا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي انهن حقيقي عاشقن راههِ خدا ۾ جيڪي مصائب، مصيبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون انهن کي پڙهي جسم تي لرزش طاري ٿي وڃي ٿي.انهن دين متين جي سربلنديءَ جي لاءِ هر ميدان ۾ اهڙيون بي مثال قربانيون ڏنيون جو انهن جو اجتماعي ۽ انفرادي ڪردار مومن مسلمانن لاءِ مينار نور بڻجي ويو.سيدنا فاروق اعظم رضي الله عنه مرادِ رسول الله هيا. جن جو قلب انوار الاهيءَ سان روشن هيو.شمع رسالت مان روشني وٺڻ بعد اهي خود به منبع نور و هدايت ( روشني و هدايت جا سرچشمه) بڻجي ويا هيا.سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه جي بصيرت و دانش پوري جهان ۾ مشهور آهي.فهم و فراست جي حوالي سان سندن جو نالو نمايان آهي.

File Photo

پنهنجي ذات ۾ اخلاق و ڪردار طور تربيتي درس جي حيثيت رکن ٿا.سندن جي جرائت، بهادري، عاجزي، سادگي، همت مردانگي، بلند حوصلو، استقامت، ديانت و امانت،ذهانت،خشيت ( توبهه و خوف خدا) جا مثال تاريخ جي صفحن تي ائين چمڪي رهيا آهن جو انهن کي ڏسڻ سان اکيون روشن ٿي رهيون آهن.حضرت سيدنا فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه خوشي غمي جي معاشرتي معاملن،اولاد جي مدني تربيت ڪرڻ، اهل خانه جي حقن جي پاسداري ڪرڻ، عزيزن، رشتيدارن سان سٺا تعلقات رکڻ، عزت دارن جي عزت جي حفاظت ڪرڻ، احساسِ ذميداري ۽ رعايا جي خبر گيري لهڻ،غلامن سان حسنِ سلوڪ ۽ انهن جي حقن جي نگهداشت ، غير مسلم رعايا جي حقن جي ضمانت، عورتن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان باخبري ۽ انهن جي سڀني مسئلن جي حل ۾ مدد ۽ تعاون ڪرڻ،ٻارڙن ۾ رلي ملي رهڻ ۽ پاڻ سان گڏ مانوس ڪرڻ،بيت المال جو بهترين نظام هلائڻ، رياست ۾ عدل و انصاف جو قيام رکڻ، ظلم و تشدد جي روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ، ظالمن ۽ لٽيرن جي احتساب جو اهتمام ڪرڻ،بي زبان جانورن تي به حد درجه مهربان ٿيڻ، قرآن و سنت جي تعليمات ۽ ان جي ترويج جو بهترين انتظام رکڻ،سختيءَ جي وقت اهڙا شدت درياءَ بڻجي ويندا هئا جو دريا به روڪجي وڃن،زمين ساڪن ٿي وڃي شيطان پنهنجو رستو تبديل ڪري ڇڏي ۽ جبل پهاڙ لرزجي وڃن.پر نرمي جي وقت اهڙا نرم جو ريشم به شرمسار ٿي وڃي، ڪمزورن ۽ بيڪسن جي سامهون حوصلو پيدا ڪرڻ واري عاجزي و انڪساري، ظلم و جفا جي مقابلي ۾ پختگي جا اعليٰ مثال، اهل علم و تقويٰ جي عزت و توقير ، اجتماعي فيصلا قبول ڪرڻ ۾ ڪامل وسعت،الله عزوجل جي رحمت مان اهڙا قوي اميدوار جو پنهنجي ئي نفس کي جنت جي نويد ، شهري ، ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون سازي جا هڪ ئي وقت ماهر مقصد ته هر موضوع تي “ سيرت حضرت سيدنا فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنه ” هڪ بامقصد حيات زندگيءَ جا لازوال ۽ عظيم الشان شخصيت جا مالڪ آهن.حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنه مڪي پاڪ ۾ عام الفيل جي تيرهه سال بعد پيدا ٿيا اهڙي طرح تاريخ پيدائش 583 عيسوي تقريبن 41 سال قبل هجرت آهن.اهڙي طرح حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه کان عمر ۾ تقريبن ڏهه سال ننڍا ۽ پياري آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم  جن کان عمر تقريبن تيرهن سال ننڍا ٿيا.امير المومنين عمر فاروق رضه قبيله عدي  بن ڪعب سان تعلق هيو جيڪي قريش جي عدناني قبيلي جا هئا.انهيءَ قبيلي جي شرافت ۽ بزرگي جو هڪ وڏو نالو هيو.اسانجي پياري آقا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ؛ ابوبڪر منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ نرم ۽ رحمدل ۽ عمر بن خطاب منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارو ۽ عثمان غني منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ باحيا ۽ عزت دار جڏهن ته علي بن ابي طالب منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ عقل مند ۽ سڀ کان وڌيڪ بهادر آهي. حضرت عمر فاروق اعظم رضي الله عنه ڪير آهن ؟ اهي آهن جن کي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ گهريو هيو، اهو عمر فاروق اعظم رصي الله عنه جنهن 22 لک مربعه ميل تي اسلام  جا جهنڊا بلند ڪرايا، جنهن لاءِ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ” جيڪڏهن مون کانپوءِ ڪو نبي هجي ها ته اهو عمر فاروق هجي ها، حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم جو اهو شان آهي جو جنهن کي شيطان ڏسي پنهنجو رستو بدلائي ڇڏيندو هيو، اهو عمر فاروق اعظم جنهن جي بهادريءَ تي يهودي اهو چوڻ تي مجبور ٿيا ته جيڪڏهن عمرفاروق اعظم  رضي الله عنه 10 سال ٻيا حڪومت ڪري ها ته پوري دنيا ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو حڪم نافذ ڪرايو وڃي ها، اميرالمومنين عمر فاروق اعظم رضي الله عنه دعا ڪندا هيا ته اي الله مونکي شهادت جو موت نصيب ڪر ۽ منهنجو موت پنهنجي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شهر ۾ مقدر فرماءِ ، الله تعاليٰ مديني ۾ ئي سندسن کي شهادت عطا ڪندي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي قدمين شريفين هميشه جي لاءِ آرام فرمائڻ جي سعادت نصيب ڪري ڇڏي، جتي روزانو صبح شام 70 ، 70 هزار فرشتا درود و سلام پڙهندا رهن ٿا جو انهن فرشتن کي وري قيامت تائين اها نعمت عظمه نٿي نصيب ٿئي .آسمان جو هر فرشتو حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه جي عزت ڪندو آهي ۽ زمين جو هر شيطان انهيءَ جي خوف کان ڊڄندو آهي، حضرت سيدنا انس بن مالڪ رضي الله عنه کان روايت آهي ته هڪ دفعي حسنِ اخلاق جا پيڪر ، محبوب رب اڪبر صلي الله عليه وسلم جن صحابه اڪرام کي ارشاد فرمايو ؛ اڄ ڪنهن نماز جنازه ۾ شرڪت ڪئي ؟ فاروق اعظم رضه عرض ڪيو آءَ سائين نماز جنازه ۾ شرڪت ڪئي.پياري آقا صلي الله عليه وسلم وري فرمايو ؛ اڄ مريض جي عيادت ڪنهن ڪئي آهي ؟ فاروق اعظم رضي الله عنه وري عرض ڪيو. آقا سردار صلي الله عليه وسلم آءَ مريض جي عيادت ڪئي آهي. پوءِ فرمايو ويو ته ؛ اڄ صدقو ڪنهن ڏنو آهي ؟ ته فاورق اعظم ٻيهر عرض ڪيو ته آقا صلي الله عليه وسلم مان صدقو ڏنو آهي.

File Photo

سائين جن وري فرمايو ويو ته  ؛ اڄ ڪنهن روزو رکيو آهي ؟  ته امير المومنين سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه عرض ڪيو ته آءَ روزو رکيو آهي.پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته ؛ يعني اي عمر ! تنهنجي لاءِ جنت واجب ٿي وئي.هڪ روايت ۾ آهي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته ؛ يعني اي عمر ! منهنجي قريب اچ، تون مونسان آهين ۽ مان توسان آهيان. حق مون کان پوءِ توسان گڏ هوندو.امير المومنين حضرت سيدنا مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي  ته؛ يعني اسان چوندا هئاسين ته اميرالمومنين حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه جي زبان تي فرشتو ڳالهائيندو آهي ۽ اسان اصحاب رسول جو هيءُ گمان هيو ته عمر جي زبان تي فرشتو ڳالهائيندو آهي.حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنه پنهنجي والدِ حضرت سيدنا امام محمد باقر رضي الله تعاليٰ عنه کان ۽ اهي پنهنجي ڏاڏي سائين حضرت سيدنا امام زين العابدين رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت ڪندي ارشاد فرمائين ٿا ته ؛ الله جي محبوب صلي الله عليه وسلم جڏهن تشريف فرما ٿيندا هئا ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه توهانجي ساڳي پاسي ويهندا هئا ۽ حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه کاٻي پاسي ويهندا هئا ۽ حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله عنه، رسول الله صلي الله تعاليٰ عليه وسلم جي سامهون ويهندا هيا.هيءُ ٽيئي ڄڻا رسول الله صلي الله عليه وسلم جا سربسته راز( يعني وحي وغيره) لکندا هئا.جڏهن رسول الله صلي الله عليه وسلم جا چاچا سائين حضرت سيدنا عباس رضي الله تعاليٰ عنه تشريف فرما ٿيندا هئا ته اميرالمومنين حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه پنهنجي جاءِ تان اٿي ڪري انهيءَ کي ڏيندا هئا.مڪه مڪرمه ، مدينه منوره، بصره، ڪوفه ۽ شام فقه جا مرڪز چيا ويندا هئا.مڪي مڪرمه ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضه ، مدينه منوره ۾ حضرت زيد بن ثابت رضه ۽ حضرت عبدالله بن عمر رضه، ڪوفه ۾ اميرالمومنين حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم ،حضرت عبدالله بن مسعود رضه ۽ حضرت      ابو موسيٰ اشعري رضه ، شام ۾ حضرت ابودرداءَ رضه ۽ حضرت معاذ بن جبل رضي الله عنه جي علمي فيضان مان فيضياب ٿيندا هئا.اميرالمومنين حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم کانسواءِ باقي تمام صحابه اڪرام امير المومنين عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه جا تربيت يافته هيا.اميرالمومنين سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه فرمايو ته ؛                              

 تقويٰ کان بغير عقل ڪامل نه ملي سگهندو.

علم کان بغير فضيلت نٿي ملي سگهي.

خوف خدا کان بغير ڪاميابي ناممڪن آهي.

انصاف کان بغير بادشاهت درست ناهي.

ادب کان بغير حسب درست ناهي ٿي سگهندو.

امن کان بغير خوشي درست نه ٿي سگهندي.

مالداري بغير سخاوت جي درست نه ٿي سگهندي.

قناعت کان بغير فقر درست نه ٿي سگهندي.

عاجزي کان سواءِ بلندي درست نه ٿي سگهندي.

توفيق کان بغير جهاد درست نه ٿي سگهندو.

جيڪو زياده کلندو انهيءَ جي هيبت گهٽجي ويندي.

جيڪو زياده مزاح،مذاق ڪري ٿو ماڻهن جي ويجهو اهو حقير ٿي ويندو آهي.

جنهن جو حيا گهٽجي وڃي انهيءَ جي تقويٰ گهٽجي ويندي آهي.

* جنهن جو تقويٰ گهٽجي وڃي انهيءَ جي دل زبان جي حفاظت کان افضل ڪنهن کي نه پاتو، مان تمام لباس ڏٺا پر تقويٰ جي لباس کان وڌيڪ افضل مرده ٿي ويندي آهي. حضرت سيدنا فاروق اعظم رضي الله عنه فرمايو ته مان تمام دوست ڏٺا پر نه ڏٺم،مان تمام مال ڏٺم پر مال قناعت کان افضل نه ڏٺم،مان تمام نيڪيون ڏٺيون پر خير خواهي کان وڌيڪ افضل نه ڏٺم،مان تمام کاڌا ڏٺم پر صبر کان وڌيڪ لذيذ کاڌو ڪو به نه ڏٺم.  

                            صديق ڪا فاروق ڪا صدقه ملي عثمان ڪا،

                        مولا علي ڪي واسطي مين ديکهه لون روضه تيرا .  

پهنجو تبصرو موڪليو