پهرين زال جي اجازت باوجود ٻئي شادي لاءِ ڪائونسل جي اجازت لازم قرار

اسلام آباد(بيورورپورٽ) هاءِ ڪورٽ پهرين زال کان اجازت جي باوجود ٻئي شادي جي لاءِ مصالحتي ڪائونسل جي اجازت کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته پهرين زال جي اجازت باوجود مصالحتي ڪائونسل انڪار ڪري ڇڏي ته ٻئي شادي تي سزا هوندي. مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961 موجب مصالحتي ڪائونسل جي اجازت کان بغير شادي ڪرڻ واري شخص کي سزا ملندي ۽ ڏنڊ به وڌو ويندو. دلشاد بي بي ۽ آزاد ڪشمير جي رهواسي لياقت علي مير 2011 ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو. 2013 ۾ لياقت علي مير پهرين زال ۽ مصالحتي ڪائونسل جي اجازت کان بغير ٻئي شادي ڪئي. ميجسٽريٽ اسلام آباد مصالحتي ڪائونسل جي اجازت کان بغير شادي ڪرڻ تي لياقت علي مير کي هڪ مهينو قيد ۽ پنج هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. اپيل ۾ ايڊيشنل سيشن جج ڪشمير جو رهواسي هجڻ سبب لياقت علي کي آزاد ڪري ڇڏيو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهرين زال جي اپيل تي لياقت علي مير جي آزادي کي ڪالعدم قرار ڏيندي فيصلو ڏنو ته جنهن شخص وٽ قومي شناختي ڪارڊ آهي ان تي سمورا قانون لاڳو هوندا. نڪاح اسلام آباد ۾ رجسٽرڊ آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهرين زال جي اپيل منظور ڪندي ڪيس ماتحت عدالت کي موڪليندي چيو آهي ته ايڊيشنل سيشن جج ميرٽ تي لياقت علي مير جي ٻئي شادي جي ڪيس جو فيصلو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو