پنڪچر جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ 2 نينگر چيڀاٽجي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ال آصف اسڪوائر ڀرسان ٽرڪ جي ٽڪر ۾ پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ  2  نينگر فوت ٿي ويا. ايڌي موجب 15 ورهين جو عبدالجبار ۽ 16 ورهين جو ارباز پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪري رهيا هئا ته پوئين پير يعني ريورس  ۾ ايندڙ هڪ ٽرڪ ٻنهي کي چيڀاٽي ڇڏيو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي قبضي  ۾ ورتو آهي ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو