پنو عاقل لڳ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا

پنوعاقل(رپورٽ : زبير انڍڙ ) پنوعاقل جي سلطان پور واري علائقي ۾ اڄ به اُٺن جا شوقين موجود آهن جن جو اُٺن سان چاھ ڪيترن ئي ورهين کان لاڳاپيل آھي، جيڪي مختلف علائقن ۾ ماڻھن ۾ تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ اُٺن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرائيندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ پنوعاقل جي ويجهڙائي واري علائقي سلطانپور ڀرسان ڳوٺاڻي مٺل انڍڙ پاران اُٺن جي فن ۽ ڊوڙ جا پڻ مقابلا ڪرايا، جنهن ۾ مخلتف علائقن سلطانپور، ڊٻ، مبارڪپور، روپهر، شاهپور مھر، صالح پٽ ۽ ٻين علائقن جي شوقينن جي 20 اُٺن پڻ حصو ورتو، اُٺن جي شوقين مالڪن پاران پنهنجن پنهنجن اٺن کي سينگاري سنواري فن ۽ ڊوڙ جا مقابلا ڪرائي ماڻھن کان خوب داد حاصل ڪيو، اُٺن جي ڊوڙ ۽ فن جي ڪرايل مقابلن واري راند ۾ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن اُٺن جي ڊوڙ جي مقابلن مان لطف اندوز ٿي خوب مزو ماڻيو، جڏهن ته اٺن جي ڪرايل فن ۽ ڊوڙ جي مقابلن ۾ عبدالرحيم مهر جي اٺن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جنهن کي انعام طور ڏهه هزار روپيا روڪ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو