پنوعاقل/ سيٺارجا/ ڏهرڪي (سنتوش ڪمار، وجي ڪمار ۽ سجاد علي ڪٻر) قومي شاهراه تي دادلوءِ وٽ ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار پ پ پ شھيد ڀٽو سکر جي صدر جو ڀاءُ ميھوال ڪورائي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو، ھوڏانھن ڇانوڻي جي وي آئي پي گيٽ وٽ گھوٽڪي کان سکر طرف ويندڙ موٽرسائيڪل کي ڪار جو ٽڪر، موٽرسائيڪل سوار گھوٽڪي جي علائقي ڳوٺ مٺڙي جا رھواسي گلفراز ۽ صدام سخت زخمي ٿي پيا جن کي پڻ طبي امداد ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو.***مينگهو فقير روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زور دار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ مٽ جو رهواسي صدام حسين ولد اوڀايو شر ۽ اسد شر سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي زخمي حالت ۾ ٺري ميرواه اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن صدام حسين شر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، ميرواهه پوليس موٽر سائيڪلن کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.*** اوٻاوڙو ٽول پلازا وٽ پنجاب ويندڙ مهراڻ ڪار سان حادثو هڪ ڄڻو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
عدالتي معاملن ۾ مداخلت،اسلام آباد بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
ناڻي جا ذخيرا مضبوط، رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي
9 مئي سانحي جا ذميوار اڄ ملڪي مفاد تي حملا ڪن پيا: عطاءُالله تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا
بشريٰ جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت ڏيو، درخواست ڊي سي حوالي
ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان ناھي،تجزيھ ڪار
علي يونس عاليه رياض سان گڏ تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي
بالي ووڊ ڪنهن جي پيءُ جي انڊسٽري ناهي: وديا بالن
ايران- اسرائيل جنگ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-18
اڄوڪي-اخبار-2024-04-18