پنهنجي دور جو مهان ڪوي شيخ اياز

گلشن سنڌو

سنڌي ادب جي سڀني دورن پنهنجي پنهنجي حصي جا اديب شاعر پيدا ڪيا ٻين دورن سميت , ڪلهوڙن جي دور کان ادب جي هر دور اسان کي ڪي انمول هيرا ارپيا آهن اهي هيرا جن جي ادب و احترام ۾ الفاظ به اٿي بيهي سندن وڏائپ ۽ عظيم هجڻ جو واضع ۽ جامع بيان ڪن انهن شخصيتن کي مهان چئبو آهي مهان شخصيتون صرف پنهنجي لکڻين جي ڪري ئي نه بلڪه انهن جا عمل ۽ انهن جو ڪردار ۽ شخصيتن جي ڳڻن سبب به کين مهان جو درجو ملي ٿو  جيڪو هر ڪنهن جي حصي ۾ نه ٿو اچي سگهي چند نان آهن جن کي مهان جو نانء ڏيئي سگهجي ٿو ,سنڌي ۽ اردو ادب جو مهان ڪوي ڏاهو,مفڪر,شيخ اياز ڌرتيء ماء جي ٿڃ ملهائيندڙ, قومي تخليقن سميت معاشرتي, تعميري, تحقيقي ادب لکي ڄڻ ته ادب کي جلا بخشي هُو هڪ دانشور, ترقي پسند ۽ عوام دوست, ستاره امتياز ماڻيندڙ ليکڪ شاعر هو سندس وڏو ادبي ڪارنامو اهو به آهي ته هن شاه جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو ڪيو ادب کي نئون روپ پهرائي سنڌي ادب کي وڌيڪ سهڻو ۽ خوبصورت بنايائين.

شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ اياز , پاڻ2 مارچ( ڪٿي وري 23 مارچ به لکيل آهي) 1923 ۾ شڪارپور سنڌ ۾ پيدا ٿيو ابتدئي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين ميٽرڪ بمبئي مان پاس ڪيائين  انٽر ميڊيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس مان ڪيائين ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيء ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪري 1945 ۾ ايل,ايل بي ۾ داخلا ورتائين ادب سا گهرو لڳاء هجڻ ڪري ڪاليج جي پڙهائيء دوران ئي ڪاليج ميگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو سندس پهريون اردو شاعريء جو مجموعو “بوء گل,نالئه گل” شايع ٿيو انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ابراهيم جويو هو تنهن شيخ اياز کي گهڻو سنڌيء ۾ لکڻ جي صلاح ڏني. شخ اياز جي شاعري ذهن جي روشن وسعتن کي ڇهندي محسوس ٿيندي آهي سندس شاعري ڪو ڳجھ راز نه هو هو بس جيڪو لکندو هو بي باڪ بهادر ٿي لکندو هو مزاحمتي شاعري هجي يا قومي سندس شاعري  سچائيء جي رهنمائيء جو اهو رستو هئي جنهن تي راهي رهندي هر نئون لکندڙ بي بها لاڀ حاصل ڪري سگهي پيو پاڻ هڪ سچو ۽ کرو اديب هو جنرل ايوب جي دور ۾ سندس لکيل ڪتابن تي پابندي پڻ لڳائي ويئي شيخ اياز جي لکيل گيتن, ۾ عجيب طمانيت جو احساس ٿيندو هو ڌرتيء لاء جذبا ,اڌما اٿل کائيندي محسوس ٿيندا آهن سندس گيت ۾ رڌم روح کي راحت بخشي عجيب سرور جو احساس ڏياريندي آهي

شيخ اياز نهايت ئي خوبصورت اخلاق جو مالڪ هو پنهنجي همعصرن ۾ به کيس ۽ سندس اعلي اخلاق کي ساراهيو ويندو پاڻ ماٺيڻو نه پر حق سچ لاء للڪاريندڙ جذبا رکندڙ هو سندس حق سچ جي لاء هميشه بلند آواز هوندو ھو تڏهن ئي ته سندس لکڻيون منفرد هونديون آهي جيڪي سندس منفرد نيچر, منفرد شخصيت جو پڻ اهڃاڻ آهن شيخ اياز نينهن جو پرچار ڪندڙ ۽ نفرتن کان نفرت ڪندڙ شخص هو 

شيخ اياز جي شاعري کي تمام گهڻي مڃتا مليل آهي ڇو ته سندس شاعري نج ٻوليء ۾ لکيل آهي سندس شاعري جو ڪجھ حصو هندي, اردو, سرائڪي ,پنجابي, فرينچ, جرمن , انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪئي ويئي آهي سندس سنڌي شاعريء کي فهميده رياض اردوء ۾ منظوم ترجمو ڪيو “حلقه ميري زنجير ڪا” جي نالي سان 1974 ۾ شايع ٿيو سندس شاعريء جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر احمد سليم ڪيو جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي جي طرفان  1976 ۾ ڇپيو  شيخ اياز جي شاعري روح جي رڳن کي رباب وانگر رڌم ۽ درد  سوز جون محسوسات جو سنگم آهي 

شيخ اياز جون ڪتاب

ڀونر ڀري آڪاش شاعري1962, وجي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي خط, نوٽ بڪ جا ٽڪرا, 1962, ڪلهي پاتم ڪينرو شاعري 1963, اڪ جون ڦلڙيون , ڀيڄ ڀيني نثري شاعري 1965 پابنديء سبب ٻيهر 2000 ۾ ڇپيو ڪي جو ٻيجل ٻوليو شاعري 1970, وڄون وسڻ آئيون شاعري 1973 , ڪپر ٿو ڪُن ڪري شاعري 1975, لڙيو سج لُڪن ۾ شاعري 1980, جڳ مڙوئي سپنو آتم ڪٿائي يادون, 1985, چنڊ چنبيليء ول شاعري 1985, پن ڇڻ پڄاڻان شاعري 1985 , ٽڪرا ٽٽل صليب جا شاعري  1985, رڻ تي رمجهم شاعري 1986, ڀڳت سنگھ کي ڦاسي سنگيت, ناٽڪ 1986, ساهيوال جيل جي ڊائري 1986, خط انٽرويو ,تقريرون, 1987, اڪن نيرا ڦليا شاعري 1988, ڪراچيء جا ڏيمهن ۽ راتيون يادون1989, خط انٽرويو تقريرون حصو ٻيو 1991, هينئڙو ڏاڙهونء گل جيئن شاعري 1991, الوداعي گيت شاعري 1991, ننڊ وليون شاعري 1992, ڪتين لر موڙيا جڏهن ڀاڱو پهريون ,ڀاڱو ٻيو 1992, جهر ڏيئا جهمڪن,شاعري 1993, سر لوهيڙا ڳڀيا شاعري 1993, سورج مکي سانجھ شاعري 1993, هرڻ اکي ڪيڏانهن , شاعري 1994,تون ڇپر تون ڇانو شاعري 1995, سميت 50 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ادب کي ارپيائين. شيخ اياز کي جديد سنڌي ادب جو باني پڻ سڏيو وڃي ٿو شاه لطيف کان پوء وڏو شاعر شيخ اياز کي مڃيو وڃي ٿو شيخ اياز  کي ستاره امتياز سميت 1994 ۾ فيض احمد فيض ايوارڊ ۽ ٻيا انيڪ ايوارڊ مليا , سنڌ جي هن مهان ڪويء 28 ڊسمبر 1997 ۾ دم ڌڻي ء حوالي ڪيو  سندس مزار پڻ ڀٽ شاه ۾ آهي. شيخ اياز هڪ عوامي قومي, مزاحمتي ۽ محبتن جو شاعر هو سندس وڇوڙو ادب ۾ هڪ وڏو پيدا ڪري ويو جنهن جو پورائو صدين تائين نه ٿو ڪري سگهجي .

پهنجو تبصرو موڪليو