پنج سالن ۾ 30 ڪروڙ جي بجٽ پر ڪو ڪم ناهي ٿيو، مقرر

خيرپور (سجاد علي ڪٻر)ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا کي گذريل 5 سالن دوران 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي بجيٽ ملڻ باوجود بدترين ڪرپشن جي ڪري شهر توڙي ٻهراڙي جا ڪيترائي علائقا ترقياتي ڪمن ۽ رهواسي سهولتن کان محروم آهن ، چونڊيل نمائندن ، ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي سياسي سرپرستن جي آشيرواڌ سان اڌ کان وڌيڪ بجيٽ حصا پتي ڪري هڙپ ڪري ڇڏي اهڙي صورتحال جو نيب توڙي ٻين ادارن کي نوٽيس وٺي عوام کي رليف ڏياريو وڃي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي اهڙو اظهار جماعت اسلامي ضلع خيرپور جي امير امتياز حسين سهتو  پاران حرا پبلڪ اسڪول  سيٺارجا ۾ ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي 5 سالا ڪارڪردگي عوام جي عدالت ۾، جي عنوان هيٺ منقد ڪيل ڊائلاگ پروگرام ۾ مقررن پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. جن ۾ جماعت اسلامي صوبي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو ايڊوڪيٽ ، در محمد خاصخيلي، ايس يو پي سکر ڊويزن جي صدر بشير احمد لنڊ ،زاهد حسين جاگيراڻي، سيٺارجا يوٿ پاور جي مسرور احمد سولنگي، عادل امير لنڊ ، فنڪشنل ليگ اڳواڻ علي گل ڪٻر، شهري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري رسول بخش سهتو ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا خيرپور ضلعي جي ٻيو نمبر وڏي ٽائون ڪاميٽي آهي جيڪا 11 وارڊن تي مشتمل آهي جنهن کي گذريل 5 سالن دوران سرڪاري فنڊن جي مد ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ 30 ڪروڙ روپين جي ڳري رقم ڏني وئي پر افسوس ته رقم جيترا ترقصاتي ڪم نظر نٿا اچن. فنڊز ۾ ڪرپشن ڪئي وئي جنهن ڪري شهر جا ڪيترائي علائقا جنهن ۾ ڳتيل آبادي رکندڙ وارڊ نمبر 9 جو حسين آباد محلو، محلا محرم علي لنڊ ، نئين آبادي سميت ٻهراڙي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا جڏهن ته شهر اندر پبلڪ لائبريري جو منصوبو 5 سال رولڙي جو شڪار رهيو ۽ ٽائون انتظاميا جي هٺ ڌرمي ۽ ڪرپشن سبب اهو منصوبو اڄ تائين عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي جنهن ڪري علم ۽ شعور جي اڃ رکندڙ نوجوان لائبريري نه هجڻ ڪري پريشاني جو شڪار آهن انهن چيو ته مين ريلوي لائين تي سيٺارجا ڦاٽڪ ڀرسان انڊر پاس ٺاهڻ وارو منصوبو لکين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود ناقص پاليسي سبب عوام جي لاءِ ناڪاره بڻيل آهي جنهن کي پڻ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪو تحرڪ نه پيو ورتو وڃي عوامي عدالت ۾ دانهيو ويو ته شهر اندر اقليتن لاءِ ڪميونٽي هال تعمير ڪرائڻ لاءِ فنڊس رکيا ويا ۽ ٽينڊر پڻ ڪرايو ويو پر افسوس ته اها اسڪيم اڄ تائين  عملي وجود حاصل نه ڪري سگهي آهي ۽ اقليتي رهواسي پنهنجي مختلف پروگرامن جي حوالي سان تڪليفن ۽ پريشانين جو شڪار آهن ان کان علاوه پبلڪ پارڪ تي لکين روپيه خرچ ڏيکارڻ باوجود ان ۾ عوام جي تفريح لاءِ گهربل سهولتون نه  ملي سگهيون آهن ۽ ان ۾ ڪوڙا بل ٺاهي لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي مقررن اهو پڻ ٻڌايو ته تاريخي پير ٻوهيو جي قبرستان ۽ ڪوٻري شاخ پل لڳ اقليتن جي قبرستان جي چار ديواري ڏيارڻ وارا منصوبا پڻ رولڙي جو شڪار آهن هنن  چيو ته شهر جي مقدس جاين عيدگاهن جي ترقياتي ڪمن ۾ پڻ ڪرپشن کان هٿ نه روڪيو ويو ان کان علاوه شهر کي روشن رکڻ لاءِ لڳايل سولر لائيٽون پڻ اڪثريتي طور پنهنجا نوازي تحت لڳايون ويون هنن چيو ته شهر اندر 50 لک روپيا ماهوار ملڻ باوجود گندي پاڻي جي نيڪال جو سرشتو بهتر نه ٿي سگهيو آهي ۽ گندگي پڻ ڄڻ شهرين جي لاءِ مقدر بڻيل آهي ٽائون ڪاميٽي کي مليل 30 ڪروڙ روپيه جي رقم اگر ايمانداري سان خرچ ڪئي وڃي هان ته علائقي جي عوام جا سمورا مسئلا حل ٿي وڃن هان پر افسوس ته جعلي ملازم ڀرتي ڪري علائقي جي چونڊيل نمائندن کي نذرانه ڏئي، پنهنجا بنگلا ٺهرائي ۽ ڪرپٽ ڪامورن جا کيسا گرم ڪري مليل فنڊن مان اڌ رقم ڪرپشن جي ور چاڙهي وئي جنهن لاءِ نيب سميت ٻين احتساب ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته 5 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ٿيل ڪرپشن جو حساب ورتو وڃي ۽ هضم ڪيل رقم واپس ڪرائي شهر جي رهجي ويل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ عوام کي گهرجي ته سٺو ڪردار رکندڙ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو