پنجاب ۽ ڪي پي ڏانهن ڪڻڪ جي اسمگلنگ جاري

ڪشمور)جي ايم کوسو (سنڌحڪومت پاران ڪڻڪ جي چرپر تي قلم 144لاڳو آھي پر ڪشمور ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن جهڙوڪ گڊو، ڪشمور بخشاپور ڪنڌ ڪوٽ ۽ تنگواني مان ھزارين مڻ ڪڻڪ غيرقانوني طور پنجاب ۽ ٻين صوبن ڏانهن موڪلي پئي وڃي. حڪومت پاران هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ ڪڻڪ موڪلن جي اجازت ناهي پر ڪشمور ۾ بااثر واپارين ، پوليس ۽ خوراڪ کاتي جي ملي ڀڳت ڪري قلم 144 جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي.

اسمگلنگ جو نئون طريقو ڪڌندي ٽرڪن جي مٿان هٿ سان هڪ ڪاغذ تي وزيراعظم رليف پيڪج فار يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن پڻ لکيل آھي پر ڪو آفيشل آرڊر ناهي. ياد رهي ته خوراڪ کاتي پاران تاحال خريداري مرڪز نه کلي سگهيا آھن تنهن ڪري آبادگار سخت ڏکيائن کي منهن ڏين پيا ۽ آبادگار واپارين کي سستي اگهه تي  ڪڻڪ ڏيڻ تي مجبور آھن ، جنهن ڪري آبادگارن کي  لکين روپين جو نقصان پڻ ٿي رهيو آهي. ڪشمور جي ڀرسان سنڌ پنجاب جي دنگ تي بيٺل 50 کان وڌيڪ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي پشاور ڏانھن وڃڻ لاء تيار آهن. چيڪ پوسٽ تي واسطيدار کاتي جا عملدار رشوت عيوض گاڏيون ڇڏين پيا ۽ خاص ڪري رات جي وقت ۾ سرحد پار ڪن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو