پلي بارگين بعد 2 فلور ملز جا مالڪ نيب مان آزاد

سکر (جيرام داس ) گهوٽڪي ۾ ڪڻڪ جي ڪرپشن جي الزام هيٺ نيب سکر هٿان گرفتار2 فلور ملز مالڪ پلي بارگين بعد آزاد، نيب ٻنهي جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فلور ملز مالڪ وڪرم لال هڪ ڪروڙ 58 لک ۽ سرور علي ميراڻي هڪ ڪروڙ 82 لک روپيا پلي بارگين ذريعي واپس ڪيا آهن، عدالت ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار فلور مل مالڪ ڪيلاش کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي ٻيهر نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو