پلاٽ نه ڏيڻ تان نوجوان ڪارنھن الزام مڙھي قتل ڪيو ويو

نوشھرو فيروز ( رپورٽ منظور ملڪ)ڀرياسٽي ڀرسان 3 ڏينھن اڳ ڪاروڪاري جي الزام ۾ ٻٽو قتل وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ورتو جوابدار اسان کان پلاٽ گھريو نـ ڏيڻ تان منھنجي پٽ کي ڪارنھن الزام مڙھي قتل ڪيو ويو جوابدار ڌر رات بـ فائرنگ ڪئي آھي خوف ۾ آھيون اسان کي بـ ماريو ويندو ـ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي سخت احتاجي مظاھرو انصاف جي گھر ـ واقعي جو ڪيس داخل نـ ٿي سگھيو خبر موجب ڀرياسٽي جي ڳوٺ الله بخش مري ۾ 3 ڏينھن اڳ ڪارنھن الزام ۾ قتل ڪيل نوجوان جي وارثن مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن شاھن مجيداڻو ـ بختاور مجيداڻو ـ غلام علي مجيداڻو ـ علي ڏنو مجيداڻو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو تـ جوابدار ڌر جي اسحاق مري کي اسان گھر ٺاھڻ لا۽ پلاٽ ڏنوسين ھاڻي وري ٻيو پلاٽ ڏيڻ لا۽ چيو جيڪو نـ ڏيڻ تان اسان جي نوجوان بادل مجيداڻو کي ڪارو ڪاري جي ڪوڙي الزام ھيٺ قتل ڪيو آھي ھنن چيو تـ جوابدار ڌر جي امداد ۽ مجيد مري رات بـ اسان جي گھرن مٿان فائرنگ ڪئي آھي اسان سخت خوف ۾ مبتلا آھيون اسان کي خطرو آھي تـ اسان کي بـ ماريو ويندو ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان شفاف انڪوائري جو مطالبو ڪندي چيو آھي تـ مامري جو نوثيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو