پلانٽ خراب، ڳوٺاڻا 5 ڪلوميٽر پريان پاڻي ڀرڻ تي مجبور

چيلهار(ساجد نهڙيو) ڳوٺ ڦليو ۾ لڳل آرو پلانٽ خراب ڳوٺاڻا سراپا احتحاج بڻيل، آرو پلانٽ جي مشينري ناڪاره بڻجي وئي ڳوٺاڻن مجنو ميگهواڙ، شنڪر ميگهواڙ، تيجو ميگهواڙ، اميدو ميگهواڙ، مهيش ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل چار مهينن کان آراو پلانٽ خراب آهي جنهن ڪري پاڻي ڍڪ لاء پريشان آهن هنن دانهيدي چيو ته کوهن جو پاڻي به سڪي ويو آهن جنهنڪري پنج ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڳوٺ ڀوريلو مان پيئڻ جو پاڻي ڀري اچون ٿا اليڪشن دوران ڪامورن خاطريون ڪرايون ته آراو پلانٽ فعال ڪري ڏينداسين پر اهي اڄ فون کڻڻ لاء به تيار ناهن هنن دانهيدي چيو ته پاڻي زندگي جي اولين ضرورت آهي. اسان تي رحم کائي آرو پلانٽ ٺهرائي ڏنو وڃي. هنن ٻڌايو ته اڳ ۾ به خراب ٿيو هو ۽ اليڪشن جي مند ۾ ٺيڪ ٿيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو