پسند پرڻي تان نوجوان قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) ڊکڻ ۾ پسند جي پرڻي تان قتل ٿيل نوجوان قدير مارفاڻي جي وارثن پاران ڊکڻ بس اسٽاپ، لاڙڪاڻو شڪارپور قومي شاهراه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو جتي وارثن پاران پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته ڊکڻ پوليس جوابدارن سان ٻٽ آهي ايس ايڇ او ڊکڻ فوتي جي وارثن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان انصاف جي گهر ڪندي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري بيگناه گرفتار ڪيل ماڻهو آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻي صورت ۾ ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو