پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان قتل، لاش روهڙي ڪينال مان هٿ

ٽنڊومستي (نادر علي اڄڻ) ڳوٺ لعل ٿيٻو جي پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان نثار احمد ٿيٻو کي ڇوڪري جا مائٽن اغوا ڪري گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو. مقتول جو لاش مقامي ٽوٻن جي مدد سان گهڻي ڳولا کان بعد هٿ ڪيو. مقتول جي وارثن  احتجاج ڪندي ناري جي اڳوڻي مڙس ۽ سندس ڀائرن مٿان قتل جو الزام هنيو , قتل جي الزام هيٺ آيل ٿيٻا برادري جي جوابدارن گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. پوليس ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. مقتول جي وني شگفته ميڊيا کي ٻڌايو ته چار سال اڳ الله داد ٿيٻو کان طلاق بعد ٻه مهينا اڳ نثار سان ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان اڳوڻي مڙس ۽ ڏيرن منهنجي مڙس کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي مقتول جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته ٽنڊومستي پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري مقتول جي وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاش پوسٽ مارٽم کان پوء وارثن حوالي ڪيو آھي , وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون , جوابدارن کي جلد گرفتار ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو