پسند جو پرڻو ڪندڙ صنم جي مائٽن پاران سندس مڙس جي ڀيڻ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

ٺڪراٺو(رپورٽ حضرت گل) مبارڪپور مان فرار ٿي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي لطيف ء صنم مھتم واري معاملي تي ڌرين م ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. آچر تي صنم جي مائٽن جميل مھتم، خليل مھتم، نثار، جان محمد ء ٻين پاران پريمي لطيف جي ڀيڻ سوني مھتم کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن دوران رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا. ھوڏانھن اھڙي واقعي بعد پريمي لطيف جي وارث عورتن مسمات ليلان، شبيران مھتم، فرزانہ، غلام رسول، عمر خاتون ء ٻين جي اڳواڻي م پوليس ء بااثر جوابدارن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيوويو. ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان جي نوجوان لطيف مھتم ء صنم مھتم رضا خوشي سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي پر بااثر جوابدار جميل، خليل، پناھ ء ٻيا ويري بڻجي ويا آھن، جن اسان جي نياڻي سوني کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان علاوہ ساڳين جوابدارن اسان جو سئو مڻ جو ڪڻڪ جو ديرو پڻ زبردستي کڻي ويا آھن ۽ لطيف جي ڀاءُ کي کنڀي گم ڪري چڏيو آھي.. احتجاج ڪندڙ عورتن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ جوابدارن خلاف ڪاروائی ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو