پسند جو پرڻو، اغوا جو ڪيس، احتجاج ۽ تحفظ جو مطالبو

سکر(بيورو رپورٽ) شڪارپور پوليس پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان تي زال کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ مائٽن جي ڌمڪين سبب دربدر جوڙي احتجاج ڪندي تحفظ جي گهر ڪئي آهي. پسند جي شادي ڪندڙ شڪارپور واسي جوڙي سرفراز  گولو ۽ سندس گهرواري اقصيٰ گولو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف سکر پهچي احتجاج ڪيو. صحافين سان ڳالھائیندي اقصيٰ گولو چيو تہ مون کي مائٽ زبردستي هڪ پوڙهي سان پرڻائڻ پئي چاهيو، جنهن تي مون مائٽن جي اهڙي فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجي مائٽ سرفراز گولو سان ڪجهه ڏينهن اڳ نواب شاھ جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو آھي، جنهن کانپوءِ منهنجا مائٽ منهنجي ۽ مڙس سرفراز جا دشمن بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مائٽن شڪارپور پوليس کي رشوت ڏئي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن اعلي عدالتن ۽ پوليس جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته سرفراز خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو