پرڏيهي پاڪستانين سيپٽمبر ۾ 2.3 ارب ڊالر موڪليا، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 2.3 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا. اها رقم گذريل سال سيپٽمبر ۾ آيل رقم کان 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان م وزيراعظم ٻڌايو آهي ته آگسٽ 2020 جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر ۾ آيل رقم 9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته هلندڙ سال جي ابتدائي 4 مهينن ۾ هر مهيني ايندڙ رقم 2 ارب ڊالر کان مٿي ايندي رهي آهي. جنهن سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿين پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو