پريمي جوڙي پارن مائٽن هٿان قتل جو خوف، تحفظ جو مطالبو

گهارو(رپورٽ بشام جوکيو) ڪورٽ ۾ پرڻو ڪندڙ سانگهڙ جو پريمي  جوڙو تحفظ لاءِ پريشان، مائٽن جي خوف کان   دربدر ،مائيٽ ڪارو ڪاري جو الزام ھڻي مارڻ لاءِ ڳولا ڪري رهيا آهن تحفظ ڏنو وڃي.سانگهڙ جي علائقي سرنهن واري، حاجي راڄڙ جي رهائشي مسمات راڻي ڌي سومر خان ڪالھ گڏاپ جي صحافين وٽ دانهيندي ٻڌايوآهي  ته مون ڪجهه ڏينهن اڳ شوڪت ولد علي ڏنو خاصخيلي سان ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنھن سبب منھنجا والدين ۽ ٻيا مائٽ مون کي ۽ منھنجي مڙس کي ڪارو ڪاري جو الزام ھڻي مارڻ لاء  ڳولا ڪري رھيا آھن هن چيو ته مون کي ۽ منھنجي مڙس کي جان جو خطرو آھي اسان جي زندگين کي بچايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته آئون پنهنجي رضا خوشيءَ سان ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪتي آهيان ۽ منهنجي مائٽن پاران منهنجي مڙس ۽ سندس مائٽن مٿان منهنجي مائٽن پاران ڪرايل ڪيس ڪوڙا سمجهيا وڃن، شوڪت علي ولد علي ڏنو خاصخيلي جو چوڻ ھوته منهنجي زال جا ڀائر ۽ سندن ٻيا مائٽ ظالم ماڻھو آھن ھو اسان کي ڪنھن به وقت ماري ڇڏيندا ھن چيو ته اسان پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ در در جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهيون، هنن وڌيڪ چيو ته جي اسان زال مڙس کي الڳ ڪيو ويو ته اسان زھر پي خودڪشي ڪري ڇڏينداسين انھن  آءِ جي سنڌ وزير اعلي سنڌ گورنر سنڌ ۽ اعلي  اختيارن کي  اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏيئي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو