پريالوءِ لڳ 2 سڳا ڀائر اغوا بعد قتل، انصاف جي گهر

خيرپور ( محمد علي جانوري ) پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳاڙهي موري لڳ جهالو جا رهواسي ٻن سڳن ڀائرن 14 ساله شوڪت علي ۽ 10 ساله احسان علي ٻئي پٽ محمد رمضان اتيرو جيڪي زمين مان مال جو گاهه ڪرڻ ويا هئا ته جتوئي برادريءَ جي هٿياربندن زبردستي اغوا ڪري کڻي وڃي کين ڪچي جي علائقي سنڌو درياءَ ڪناري گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنهن بعد علائقي واسين ٻنهي جا لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڳاڙهي موري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.سندس والد موجب خيرپور پوليس ڪجهه سال اڳ هڪ ڏوهاري عاشق جتوئي کي اسان جي ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ماريو هو. جنهن جو جتوئي برادريءَ کي مخبري جو شڪ اسان جي ڳوٺاڻن مٿان هيو، جنهن جي نتيجي  ۾ ٽي سال اڳ جتوئي برادري جي ماڻهن راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري هڪ واٽهڙو سليم جوڻيجو کي پڻ ماريو هو.  جنهن بعد جتوئي برادريءَ  دشمني ۾ منهنجي پٽن کي گوليون جو کاڄ بڻايو آهي،هن مطالبو ڪيو ته واقعي ڪيس جو ڪيس داخل ڪري اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو