پرل جي قاتلن سزا گهٽائڻ تي آمريڪا جي مذمت

ڪراچي (ويب ديسڪ) صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جي ٽن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ مک جوابدار عمر شيخ جي موت جي سزا 7 سال قيد ۾ تبديل ڪرڻ واري عدالتي فيصلي جي آمريڪا مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان دهشتگردن جي حوصله افزائي ٿيندي. ڏکڻ ايشيا بابت پرڏيهي کاتي جي انڊر سيڪريٽري ايلس ويلز جڏهن ته رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز عدالتي فيصلي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان سان صحافين تي حملا ڪندڙن کي حُشي ملندي. پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عدالتي فيصلي جي ٽائمنگ تي حيرت ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان سان دهشتگردي خلاف پاڪستان جون ڪوششون ڪمزور ٿينديون. سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل اخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد ڪريم خان آغا المعروف ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ قائم ٻه رڪني بينچ جوابدارن جي اپيل تي اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن ٻڌايو هو.

ڊينئل پرل ڪيس جو مک جوابدار شيخ احمد عمر

ياد رهي ته وال اسٽريٽ جرنل جي ڏکڻ ايشيا بابت بيورو چيف 38 سالن جو ڊينئل پرل مذهبي انتها پسندي بابت اسٽوري ڪري رهيو هو ته کيس 2020 ۾ اغوا ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ سند ڳچي ڪپيل لاش هٿ آيو هو سندس قتل جي ويڊيو به وائرل ٿي هئي. 2002 ۾ پوليس احمد عمر شيخ ۽ سندس ٽن ساٿين فهد نسيم، سلمان ثاقب ۽ شيخ عادل کي گرفتار ڪيو هو جن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سزا ٻڌائي هئي. عمر شيخ کي موت جي سزا ۽ باقي ٽنهي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ملي هئي. هو 18 سالن کان جيل ۾ آهن سندن وڪيل خواجا نويد عدالت کي ٻڌايو ته شاهد سڀ پوليس وارا آهن بيانن ۾ تضاد آهن. ياد رهي ته ڊينئل پرل جي ساٿي ۽ جارج ٽائون يونيورسٽي جي پروفيسرعصريٰ نعماني چيو هو ته ڊينئل پرل کي خالد شيخ محمد قتل ڪيو هو، جيڪو نائن اليون جو ماسٽر مائنڊ هو ۽ پاڪستان ۾  گرفتار ٿيڻ بعد گوانتانامو بي جيل ۾ قيد آهي. جتي سندس هن انٽرويو ڪيو هو ته خالد شيخ محمد اقرار ڪيو هو ته ڊينئل پرل کي هن ضبح ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو