ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ قيدي هٿان قيدي قتل، ايس ايڇ اومعطل

خيرپور(سجاد ڪٻر)راڻيپور ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ قتل جو قيد جوابدار ساٿي قيدي هٿان قتل ٿي ويو، ايس ايس پي خيرپور جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب مقتول ميان بخش شاهاڻي کي ساٿي قيدي سعيد راڄپر قتل ڪيو آهي. جڏهن ته مقتول جي وارثن چيو آهي ته قتل پراڻي دشمني جو نتيجو آهي ۽ ان ۾ ڄامڙا برادري جا ماڻهو ملوث آهن. شاهاڻي ۽ ڄامڙا برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ هو، ڪجهه ڏينهن اڳ قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل تي ويندڙ ڄامڙا برادري جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. جنهن جي الزام ۾ پوليس ميان بخش شاهاڻي کي گرفتار ڪيو هو. جنهن کي قتل ڪيو ويو آهي. عيني شاهدن موجب شهر ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ سبب بازار بند ٿي وئي . ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي لاڪب ۾ قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او راڻيپور اڪبر عالماڻي سميت وڏي منشي ۽ سنتري کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد انور بگٽي کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. مقتول ڌر الزام هنيو آهي ته پوليس مخالفن کان ھري رشوت وٺي هٿ سان قتل ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو