پراڻي دشمني تان عورت قتل، لاش اسپتال منتقل

سکر(بيورو رپورٽ)آباد ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن پراڻي دشمني تان حملو ڪري گھر اندر فائرنگ ڪري عورت هدائتان ملڪ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو .پوليس موجب بچل شاهه مياڻي جي ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني هلندڙ آهي جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. جوابدار شرف الدين. قائم الدين ملڪ ۽ ٻين فائرنگ ڪري عورت کي قتل ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو