پراونشل بلڊنگ تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، رڪارڊ هٿ

سکر(امداد علي ڪلوڙ) اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سب انپيڪٽر ابراهيم سومرو جي سربراهي ۾ پروانشل بلڊنگ جي دفتر تي ڇاپو ڻي ڪارروائي ڪندي ريڪارد تحويل ۾ ورتو آهي. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو چوڻ هو ته ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيڻ تي ڪارروائي ڪئي آهي ضلع جي 66 ترقياتي ڪن جا ٽينڊرجاري  ڪيا ويا هئا جن مان 5 ٽينڊرن کي غير ضروري قرار ڏئي ڪري منسوخ ڪيو ويو آهي ۽ ڪرايل ڪمن ۾ ڪرپشن جي ٿيڻ جو انديشو آهي  جڏهن ته آفيس ۾ انٽي ڪرپشن پاران ڇاپو هڻڻ تي آفيس ۾ بيچيني پکڙجي وئي سب انپيڪٽر ابراهيم سومرو جو چوڻ آهي ته  ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو