پراسرار نموني قتل ٿيل عورت جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ ) پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل عورت جي بنا پوسٽ مارٽم دفنايل لاش جي عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. حسين آباد ڪالونيءَ ۾ هڪ مهينو اڳ ٽن ٻارن جي ماءُ نوجوان ناري نرگس جٽ زال سهيل راول کي دفنايو ويو هو. پوليس ناريءَ جي مڙس سهيل راول کي قتل جي الزام ۾ گرفتار پڻ ڪيو هو پر ايف آر سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪئي هئي. مقتول ناريءَ جي والد رئيس احمد جٽ جي درخواست تي ايڊوڪيٽ عمران اڪبر رند پاران سيشن ڪورٽ نوابشاھ کي ڪيس کي ٻيهر داخل ڪرڻ ۽ پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي جنهن تي سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي حڪم تي پراسرار فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي قبرڪشائي جو حڪم ڏنو ويو هو. جنهن بعد خميس تي شھيد جيئوجنگ قبرستان ۾ دفن ڪيل نرگس جٽ جي قبر ڪشائي لاء سڪرنڊ سول جج فيض ارباب ساجد جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس سرجن نوابشاھ ڊاڪٽرذولفقار شاهاڻي ، ڊاڪٽر يار علي جمالي ، ڊاڪٽر سلطان راڄپر ، ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نسرين بيگم جي پوري ٽيم سڪرنڊ پوليس ۽ سينيٽري عملي قبرستان پھچي قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا حاصل ڪيا. ان موقعي تي قبرستان ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. وڪيل عمران اڪبر رند ميڊيا سان ڳالهائيبدي چيو ته قتل جو ڪيس پوليس داخل ڪيو هو جنهن ۾ غلط بياني ڪئي وئي آهي ته ناريءَ کي گولي ڪنهن شادي جي دعوت ۾ لڳي آهي جڏھن ته گولي لاش مان ڪڍي به نه وئي هئي جنهن سان ڪيس ڪمزور ۽ قاتل کي رعايت ملي سگهي ٿي ان ڪري قبر ڪشائي ڪرائي وئي آهي. مقتوله جي والد رئيس جٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس نياڻي کي وفات کان هڪ مهينو اڳ گهر اندر ويجهي کان گولي هئني وئي جيڪا زخمي ٿيڻ بعد پورو مهينو اسپتال ۽ گهر ۾ زير علاج هئي. مان سندس طبيعت پڇڻ ويس ته نينگري مونکي ٻڌايو ته سندس نڻان ۽ سسُ مڙس جي صلاح سان فائرنگ ڪئي آهي جنهن بعد مون ظلم خلاف آواز اٿارڻ چاهيو ته نرگس جي ساهرن زخمي هئڻ باوجود کيس گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو ۽  اڄ به جيڪڏھن نڻان ۽ سس کي گرفتار ڪيو وڃي ته سموري حقيقت سامهون اچي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو