پراسرار طور گم ٿيل استاد جي بازيابي لاءِ احتجاج

اوٻاوڙو (غلام علي رند)پراسرا طور اوچتو گم ٿيل استاد جي بازيابي لاءِ پ ٽ الف پاران  پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن ميڊيا کي بڌايو ته استاد عبدالرشيد ملڪ 5 ڏينهن کان لاپتا آھي مٽ مائٽن ۽ دوستن کان به پڇا ڪئي آھي ۽ ان جو موبائل نمبر مسلسل بند آھي جنهن جو اڃان تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي. هنن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته نوٽس وٺي استاد عبدالرشيد ملڪ کي بازياب ڪرايو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ضلع گهوٽڪي ۾ اغوا جون ورداتون روز جو معمول بڻيل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو