پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ٺٽو(ن سنڌيار) سنڌ ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل شديد بحران خلاف ٺٽي واسين نٽهڻ اس ۾ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ٺٽو آڏو قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏيو . پ پ جي پاڻي جي کوٽ واري ڏنل احتجاجي سڏ جي موٽ ۾ ٺٽي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پ پ جي ضلعي آفيس کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو قومي شاهراھ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڌرڻي ۾ شامل عورتن پاڻي جي کوٽ خلاف خالي مٽ کڻي پڻ احتجاج ڪيو . پ پ جي پاڻي کوٽ واري هنيل احتجاجي ڌرڻي ۾ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ، صوبائي اسيمبلي ميمبر سيد رياض شاھ شيرازي ، صوبائي اسيمبلي ميمبر ڄام اويس گھرام ، امتياز احمد قريشي ، سيد محمود عالم شاھ بخاري ، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو. عبدالحميد پنهور، پير رحماني سميت وڏي انگ ۾ ضلعي جي پ پ ڪارڪنن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺٽو ڇوڙ آهي جتي سامونڊي ويرن جي کاري پاڻي درياءَ ۾ داخل ٿي لکين ايڪڙ زرعي زمين تباھ ڪرڻ سان گڏ سنڌوءَ جو جر به کارو ڪري ڇڏيو آهي . ربيع جو فصل سڙي ويو ، خريف جي فصل جي به پوکائي ناهي ٿي، ضلعي ۾ زراعت تباھ ٿي وئي، آبادگار هاري معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار آهي. پاڻي نه هجڻ ڪري ضلعي اندر سمورن واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي ، پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي ، پاڻي جي فوري فراهمي نه ڪئي ته وڏي پئماني تي انساني جانين سان گڏ چوپائي مال جي پڻ سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو