پاڻي پئٽرول کان مهانگو، شهري کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) جر کارو هجڻ سبب ٺڪراٺو سميت آسپاس جي اڌ آبادي کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته سرمائيدار روزاني جي بنياد تي پئسن عيوض پاڻي خريد ڪن ٿا ۽ مسڪين پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ پريشان آهن. کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ڪيترن ئي بيمارين ڏڍ، ملو، گيسٽرو ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي موذي مرضن ۾ ماڻھو مبتلا ٿي ويا. شھرين، سياسي سماجي ماڻھن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جر کارو هجڻ ڪري سخت پريشان آھيون مٺي پاڻي جي ڳولا لاءِ مٿي تي ڪولر، جهريون، مٽڪا، دلا، سٿي ڀري اچڻ تي مجبور آھيون.

ياد رهي هتان جي عوام هميشه پيپلز پارٽي جا ووٽر رهيا آھن پ پ جي چونڊيل نمائيندن کي ڪامياب ڪرايو آھي چونڊيل نمائندن واعدا ته ڪيا پر ڪو به وفا ناهي ٿي سگهيو. هنن ڪمشنر سکر سميت چونڊيل نمائيندن ۽ ٻين وس کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته شھر ۾ مٺي پاڻي جا واٽر پلانٽ لڳائي کاري پاڻي واپرائڻ سميت بيمارين کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو