سجاول (سليم ملاح) ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف پ پ ضلعي سجاول جي صدر محمد علي ملڪاڻي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ پارٽي ڪارڪنن پاران پبلڪ پارڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ تعلقي جاتي سجاول شاهبندر ۽ کاروڇاڻ سميت ساحلي پٽي جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا جا نعرا هنيا ويا. مظاهري کي خطاب ڪندي محمد علي ملڪاڻي چيو ته آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ضلعي سجاول ۾ پاڻي جي هٿرادي کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي جنهنڪري هزارين ايڪڙن تي آبادگارن جا بيٺل فصل سڪي سڙي تباه ٿي رهيا آھن. هن چيو ته ساحلي پٽي ۾ پئيڻ جو پاڻي موجود ناهي جنهن جنهنڪري علائقي مان لڏپلاڻ ٿي رهي آھي ۽ علائقي ۾ ڏڪار جهڙي صوتحال ٿي ويئي آهي جنهنڪري اڄ عوام سان گڏجي احتجاج ڪيو آھي، احتجاجي مظاھري ۾ پ پ تعلقه صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ اقبال خان چانڊيو ستار لوھار شير علي شاھ بخاري بابو رحيم سميت پارٽي ڪارڪنن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم