پاڻي جي واري تان ڀائرن ۾ جهيڙو هڪ فوت 5زخمي

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو) ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ ڪشمور ٽائون جي اڳوڻي چيئرمن اسرار احمد کوسو ۽ سندس ڀاءُ احسان احمد کوسو وچ۾ پاڻي جي واري تي جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 22سالن جو نوجوان جاويداحمد پٽ احسان احمدکوسو مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري موقعي تي مارجي ويو جڏھن ته 5زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن  زخمين ۾ منظوراحمد کوسو.علي حسن خان کوسو جميل احمدکوسو ۽واٽھڙو آصف بروھي شامل آهن. ياد رھي ته گھڻي عرصي کان وٺي ميراسرار احمد خان کوسو ۽سندن ڀاء احسان احمد کوسو جي وچ۾ زمين جي ورھاست تان جھيڙو ھلندڙ ھو.ھوڏانھن اڄ صبح جو پاڻي جي واري تان ڇڪتاڻ وڌي جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي جي مٿان فائرنگ ڪري ڏني. زخمين کي رحيم يارخان اسپتال موڪليوويو جڏھن ته ڪشمور پوليس موقعي تي پھچي فائرنگ بند ڪرائي زخمين کي ٻاھر ڪڍيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو