پاڻي جي واري تان جهيڙو، 2 فوت 11 ڄڻا زخمي، ڇڪتاڻ

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ پاڻي جي واري جي ڳالھ تان مگسي ۽ مهر برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي جي نتيجي ۾ مگسي برادري جا  2 ڄڻا رمضان مگسي ۽ پنهل مگسي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته مهر برادري جا 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ڌرين جي ماڻهن کي ڇڏائڻ ۾ مغيري برادري جا 2 ڄڻا به زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مهر برادري جا صفر مهر، حسين بخش مهر، گلاب مهر، احمد علي مهر، غلام محمد مهر، علي محمد مهر، رجب مهر، مغيري برادري جا انور علي  مغيري، غلام محمد مغيري سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو . جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي جو علاج جاري آهي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن ٻڌايو ته زمين ۾ پاڻي لاهڻ جي ڳالهه تان هي افسوس ناڪ واقعو پيش آيوآهي، هوڏانهن واقعي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جن کي ضروري ڪاروائي لاء اسپتال آندو جتان ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن فوتين جا لاش گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو، ٻئي پاسي واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي فضاء ڇانيل آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو