پاڳل ناهيون ته جن خلاف جدوجهد آهي انهن سان ڊيل ڪريون، مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڳل  نه آهيون جو جِن خلاف جدوجهد ڪندي قربانيون ڏنيون اُنهن سان ئي ڊيل ڪريون، الله کي خبر آهي ته حڪومت ڪڏهن ويندي، پر حڪومت وئي ته واپس نه ايندي، نواز ليگ ۽ شريف خاندان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، ميڊيا سان ڳالھائيندي مريم نواز چيو تھ شهباز شريف بابت شاهد خاقان جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ نواز ليگ جي پوزيشن مضبوط آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ چونڊ مهم لاءِ مان پاڻ آزاد ڪشمير ويندس ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو، ووٽ چوري جي ڪوشش ڪئي وئي ته اُن جا نتيجا برا نڪرندا.

پهنجو تبصرو موڪليو