پاڪستان ۾ گوگل جو سي ايس فرسٽ پروگرام شروع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گوگل حڪومت ۽ نجي ٽيڪنالاجي ادارن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ ننڍي عمر جي شاگردن لاءِ ڪمپيوٽر سائنس (سي ايس) جو آن لائن پروگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو. گوگل جي سي ايس پروگرام کي ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ جي افتتاحي تقريب انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ ٿي، جنهن ۾ آءِ ٽي جي وفاقي وزير امين الحق سميت حڪومت جي اعلى عهديدارن شرڪت ڪئي.گوگل طرفان تعارف ڪرايل عالمي پروگرام آهي، جنهنجي ذريعي پاڪستان کان اڳ ٻين ملڪن ۾ ٻارن جي ڊجيٽل سکيا ڏني وئي. ان پروگرام تحت ٻارن کي آرٽ، اسپورٽس ۽ گيم ڊيزائن جهڙن کاتن ۾ شروعاتي سکيا ۽ تعليم ڏني ويندي آهي. اهو پروگرام دنيا جي مختلف ادارن جي سهڪار سان هلايو پيو وڃي ۽ ان جي ڪا به فيس ناهي هوندي. ان پروگرام کي عام شاگرد آن لائن ذريعي ڏسي ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. ٻين ملڪ جيان پاڪستان ۾ به گوگل جي ڄاڻايل پروگرامن کي مختلف ادارن جي سهڪار سان هلايو ويندو. ان سلسلي ۾ ٽيليڪام فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ 9 کان 14 سالن جي ٻارن کي سي ايس فرست پروگرام جي سکيا ڏني ويند. شروع ۾ اهو پروگرام ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ موجود ٽيليڪام فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ هلايو ويندو ۽ ان پروگرام ۾ اهڙن ٻارن کي شامل ڪيو ويندو جن جو تعلق گهٽ آمدني وارن گهراڻن سان هوندو. سي ايس فرسٽ پروگرام جا ٻه مرحلا هوندا، پهرين مرحلي ۾ استادن کي سکيا ڏني ويندي ان سلسلي ۾ ورچوئل يونيورسٽي سهڪار ڪندي، ٻئي مرحلي ۾ سکيا ورتل استاد ٻارن کي سي ايس سيکاريندا ۽ اهو عمل ٽيليڪام فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو