“پاڪستان ۾ صحافت کي “نامعلوم عناصرن” کان خطرو آهي”

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان م بدستور ميڊيا سخت دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ سال 2019 دوران 7 صحافي قتل ٿيا ۽ 60 خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويا. اهڙو انڪشاف ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپرز ايديٽرز يعني سي پي اين اي طرفان جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني آئين جي شق 19 ۽ عالمي انساني حقن جي چارٽر ۾ اظهاري راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا کي آزادي حاصل آهي پر حسب معمول 2019 ۾ به ميڊيا تي سخت دٻاءَ ۽ ڌمڪيون برقرار رهيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته توهين عزت جو قانون موجود آهي جنهن موجب ڪاروائي بدران دهشتگردي ٽور قانون، فوجداري  ۽ سائبر ڪرائيم ايڪٽ هيٺ صحافين خلاف ڪاروائي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڪراچي جي صحافي نصرالله کي پابندي پيل ۽ مبينه نفرت آميز مواد رکڻ جي ڏوهه ۾ 5 سال قيد جي سزا ڏني وئي جيڪو پهريون ڪيس آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ آزاد صحفت کي وڏو خطرو “نامعلوم عناصرن” کان آهي.جن ۾ غير رياستي ۽ پابندي مڙهيل گروپن جا ڪارڪن به شامل آهن. ميڊيا تي حملا ڪندڙ هڪ به ملزم کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو. رپورٽ موجب سائبر ڪرائيم پيڪا ايڪٽ 2016 جيڪو شهرين جي حراسمينٽ روڪڻ لاءِ ٺاهيو ويو ان جو گهڻو استعمال صحافين خلاف ڪيو ويو. ڊان اخبار جو گهيراءُ ڪيو ويو سندن ايڊيٽر ظفر عباس خلاف گندي ٻولي استعمال ڪندي کيس ڌمڪيون به ڏنيون ويون. اينڪر پرسنز کي مختلف معاملن تي تبصرن کان پيمرا روڪيندي رهي ايتري قدر جو شباز شريف جي ضمانت تي تبصري کان به منع ڪئي وئي. مريم نواز جي پريس ڪانفرنس جي سڌي ڪوريج ڪندڙ 21 چينلز کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا. 60 صحافين خلاف ڀتا خوري، پوليس مقابلن، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ بليڪ ميلنگ جا ڪيس داخڪل ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو