پاڪستان ۾ خود ڪشين جي شرح ۾ تيزي سان واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڄ جمعي تي سڄي دنيا ۾ مينٽل هيلٿ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ٻن سالن دوران خودڪشي جي واقعن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. رپورٽ موجب ٻه سال اڳ اها شرح 3 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي 8 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ روڪڻ لاءِ عملي اپاءَ نه ورتا ويا، ٿر ۾ خودشڪين جي واقعن ۾ پريشان ڪندڙ واڌ ٿي آهي. ياد رهي ته سنڌ سرڪار خودڪشي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي. وفاقي حڪومت خودڪشي کي  ذهني بيماري قرار ڏيڻ لاءِ نئين سر قانونسازي جي سفارش ڪئي هئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته برطانيا سوڌو ٻين ملڪن ۾ آپگهات کي ڏوهه قرار ڏيڻ جا قلم رد ٿي چڪا آهن، متاثر کي ڏوهاري نه پر ذهني مريض سمجهڻ گهرجي، ٿرپارڪر ۾ خودڪشين تي ماهرن اڀياس ڪيو آهي ته تڪرار، سماجي ۽ مالي مسئلا ٿر ۾ خودڪشين جا وڏا ڪارڻ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو