پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ 800 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري متوقع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملائيشيا جي قسمت تبديل ڪندڙ وزير اعظم مهاتير محمد پاڪستاني هم منصب جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئربيس تي مهاتير محمد جي وزيراعظم عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين وزيرن کيس ريڊ ڪارپٽ پروٽوڪول سان ويلڪم ڪيو ۽کيس 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي. هو 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو، مهاتير محمد وزيراعظم عمران خان، صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات به ڪندو. جڏهن ته ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي وزيراعظم وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون، ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي صنعتڪارن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندا، پرڏيهي مامرن جي وزارت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم سان گڏ ملائيشيا جي واپارين جو اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان آيو آهي، ان دوري سان پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيندا.پاڪستان جي تجارت بابت مشير عبدالرزاق دائود جو چوڻ آهي تقريبا 800 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري بابت معاهدا متوقع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو