قطري امير وطن روانو، 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي بابت وزيراعظم جي مشير حفيظ شيخ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته قطري امير 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي حامي ڀري آهي، جنهن تي اسين سندس ٿورائتا آهيون. هوڏانهن قطر جي نيوز ايجنسي چيو آهي ته 3 ارب ڊالر جي نئي سيڙپڪاري بعد پاڪستان ۽ قطر جي شرڪتداري 9 ارب ڊالي جي ٿي ويندي. قطري امير واپس وطن روانو ٿي ويو. هن صدر عارف علوي سان ملاقات ڪي جنهن کيس نشان پاڪستان جو تمغو ڏنو ۽ ايوان صدر ۾ مانجهاندي جو انتظام ڪيو. پاڪستان ۽ قطر ۾ ٽن ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون، جن ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت بابت تعاون، سياحت جي فروغ ۽ ڪاروباري موقعا منعقد ڪرڻ،  تجارت ۽ سيڙپڪاري لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ شامل آهن. پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي  دوري تي آيل قطر جي امير  کي ريڊ ڪارپٽ پروٽوڪول ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان پاڻ هوائي اڏي تي کيس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پاڻ گاڏي هلائي کيس وزيراعظم هائوس وٺي آيو.

قطري امير تميم بن حماد الثاني نور خان ايئربيس تي لٿو. کيس 21 توپن جي سلامي ڏيئي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جي ايف ٿنڊر فلائي پاسٽ جو مظاهرو به ڪيو ويو. قطري امير ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن ۽ صلاحڪارن تي ٻڌل پنهنجي ٽيم جو قطري امير سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم هائوس ۾ هنن ون ٽو ون ملاقات ڪئي جنهن بعد وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم مهمانن جي مان ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، قطري امير جي آمد کان اڳ وزيراعظم انسٽاگرام تي لکيو ته قطري امير  22 ارب ڊالي جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪندو. 4 سالن بعد پاڪستان جو دورو ڪندڙ قطري امير  جي اها سيڙپڪاري سعودي عرب جي ولي عهد جي اعلانيل 20 ارب ڊالر کان به وڌيڪ آهي. قطري امير جي دوري دوران فوج، رينجرز، دهشتگردي ٽوڙ فورس ۽ پوليس تي مشتمل سيڪورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. شاهراهه دستور جزوي طور  بند ڪيو ويو آهي، عام ماڻهن جي داخلا بند آهي، 8 وڌيڪ چيڪ پوسٽ قائم ڪيون ويون آهن، مرگلا جي پهاڙ تي ويندڙ ٻئي واڪنگ ٽريڪ بند ڪيا ويا، مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا. آچر تي قطري امير صدر عارف علوي سان ملاقات ڪندو ۽ واپس وطن ويندو. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته جنوري م عمران خان جي قطر جي دوري بعد امير جو دورو ڪرڻ ۽ مني لانڊرنگ بابت معلومات فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪرڻ نوا شريف لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. هن مهل تائين هو قطري شاهي خاندان جي فردن جا خط پيش ڪندو رهيو هو ۽ ان بابت هاڻي صورتحال بدلجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو