پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ سيريز جو شيڊول پڌرو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ٿيندڙ ميچن جو شيڊول طئي ٿي چڪو آهي جنهن مطابق سيريز ۾ شامل 3 ٽي ٽوئنٽي 1 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون پاڪستان ۾ کيڏيون وينديون. سيريز جي شيڊول کي حتمي شڪل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بنگلاديش بورڊ جي اعليٰ انتظاميه وچ ۾ هڪ ملاقات ۾ ڏني وئي. جڏهن ته آءِ سي سي جي چيئرمين ششانڪ منوهر سيريز جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معاون جو ڪردار ادا ڪيو. نئين شيڊول مطابق بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم 24 کان 27 جنوري تائين لاهور ۾ 3 ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون جنهن کان پوءِ مهمان ٽيم وطن واپس ويندي ۽ وري پوءِ موٽي اچي 7 کان 11 فيبروري تائين راولپنڊي ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏندي. پاڪستان سپر ليگ 2020 جي اختتام تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ ون ڊي ميچ 3 اپريل تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ شامل ٻيو ٽيسٽ ميچ 5 کان 9 اپريل تائين ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي احسان ماني بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستان جي دوري کي حتمي شڪل ڏيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته شيڊول مطابق بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم 3 ڀيرا پاڪستان ايندي ان ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ محفوظ ملڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو