پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي

هراري(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي کي هڪ اننگز ۽ 116 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان پهرين اننگز ۾ 426 ٺاهيون هيون، جنهن ۾ فواد عالم جي شاندار سينچري پڻ شامل هئي، جنهن 140 رنسون اسڪور ڪيون. اهڙي ريت پاڪستان، زمبابوي مٿان 250 رنسن جي برتري قائم ڪري ورتي هئي. زمبابوي جا بيٽسمين ٻي اننگز ۾ پاڪستان جي جارحاڻي بالنگ اڳيان بيهي نه سگهيا ۽ پوري ٽيم 134 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان حسن علي 5، نعمان علي 2 ۽ فهيم اشرف هڪ وڪيٽ ورتي. حسن علي کي ميچ ۾ 9 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو