پاڪستان اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي49 رنز تان شڪسٽ ڏئي ڇڏي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي شڪسٽ ڏئي ڇڏي آهي، حارث سهيل مين آف دي ميچ رهيو. شاداب ۽ وهاب ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، عامر2 ۽ شاهين آفريدي هڪ وڪٽ ورتي. ڏکڻ افريقا 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن تي 259 رنز ٺاهيون. حفيظ اوپننگ اوور ڪرايو ۽ پهرين اوور ۾ وهاب رياض ڪيچ ڊراپ ڪيو. عامر پهرين اوور جي پهرين بال تي هاشم آمله کي ٻن رنز تي آئوٽ ڪيو. شاداب 20 هين اوور ۾ ڊي ڪاڪ کي آئوٽ ڪيو، هو ففٽي نه ٺاهي سگهيو، امام الحق بائونڊري تي سندس ڪيچ پڪڙيو، شاداب ايڊن مرڪرم کي بولڊ ۽ وينڊن کي آئوٽ ڪيو. عامرڪپتان ڊوپلوسي کي سرفراز هٿان ڪيچ ڪرايو. وهاب رياض مورس، ربادا ۽ نگدي کي آئوٽ ڪيو. ٽاس کٽي پاڪستان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورز ۾ 308 رنز تي 7 آئوٽ ٿيا. ٻنهي اپنرز 44، 44 رنز ٺاهيون، حفيظ 20 رنز تي ايل بي ڊبليو ۽ بابر اعظم 69 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. عماد وسيم 23 ، وهاب رياض 4 رنز ۽ حارث سهيل 89 تي آئوٽ ٿي ويا. ٻنهي اوپنرز کي عمران طاهر آئوٽ ڪيو. ڏکڻ افريقا جي ڪپتان 63، ڊي ڪاڪ 47، وين ڊر 36 ۽ فيلوڪوايو 46 ناٽ آئوٽ رنز سان نمايان رهيا. پاڪستان خراب فيلڊنگ باوجود به کٽي ويو. اوپنر جي بهترين اسٽارٽ، حارث سهيل ۽ بابر اعظم جي بهترين بيٽنگ سبب وڏو ٽارگٽ هئڻ سبب ميچ کٽي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو