اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ منظم ڪرپشن جو بنياد ميان نوازشريف اسحاق ڊار معرفت وڌو ۽ زرداري هن کان به وڌيڪ جديد طريقو اختيار ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ ڪرپشن جي تفصيلي ڪهاڻي ٻڌائيندي هن چيو ته 1988 کان 1990 تائين نوازشريف وٽ پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڪافي پئسو آيو، جنهن کي قانوني بڻائڻ لاءِ هنن اسحاق ڊار جي خدمت حاصل ڪئي. 1992 ۾ اڪنامڪ ريفارمز ايڪٽ پاس ڪيو ويو ۽ ان ۾ چيو ويو ته ٻاهران ايندڙ دولت بابت پڇاڻو نه ڪيو ويندو. جنهن بعد اسحاق ڊار ڪوڙا اڪائونٽ کولي رقم انهن مان هنڊي ۽ حواله ذريعي ٻاهر موڪلي ۽ ٻاهران ٽيلي گرافڪ ٽرانسفر ذريعي واپس رقم گهرائي جيڪا 40 اڪائونٽس ۾ آئي ۽ اهي سڀ اڪائونٽس شريف خاندان جا آهن. چوڌري ٻڌايو ته 1996 کان 1998 تائين پاڪستان جي اختيارين کي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن بابت ڄاڻ ملي ته حديبيا پيپر ملز جنهن جي مالي حيثيت ساڍا نو ڪروڙ جي هئي، ان جي اڪائونٽ ۾ 81 ڪروڙ اچي ويا. اها مل ميان محمد شريف جي ملڪيت هئي. چوڌري چيو ته اها سڄي معلومات اسحاق ڊار هڪ مئجسٽريٽ آڏو بيان حلفي ۾ ڏني آهي. هن ٻڌايو ته پرويز مشرف دور ۾ جاچ ٿي پر اين آر او سبب معاملو دٻجي ويو. جنهن بعد حديبيا جي طرز تي هل ميٽل ڪمپني قائم ٿي ۽ ان ذريعي حسين نواز پنهنجي والد جي اڪائونٽ ۾ هڪ ارب 16 ڪروڙ 56 لک روپيا موڪليا. جنهن مان نواز شريف 82 ڪروڙ پنهنجي نياڻي مريم نواز کي ڏنا ۽ هن زرعي زمين خريد ڪئي. فواد چوڌري چيو ته آصف علي زرداري نواز شريف کان به اڳتي نڪري ويو ۽ هن جعلي اڪائونٽس سان گڏوگڏ بئنڪ ئي پنهنجي قائم ڪئي. هن ٻڌايو ته ايف آءِ اي 5000 جعلي اڪائنٽس ڳوليا جن مان رقم 32 مک اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي. انهن جعلي اڪائونٽس مان بلاول۽ ايان علي جي فضائي سفر لاءِ ٽڪيٽ خريدڻ، بلاول هائوس جي خرچن ۽ بختاور جي جنم ڏينهن جي پارٽي لاءِ پڻ رقم انهن اڪائونٽس مان ادا ڪئي وئي. هن چيو ته فالودي وارن، چوڪيدران، مالهين، نائب قاصدن ۽ اهڙن ننڍن ملازمن جي نالي اهي اڪائونٽ کوليا ويا. هن چيو ته ڪرپشن ملڪ تباهه ڪيو آهي ۽ ان ۾ شريف ۽ زرداري خاندان ٽاپ تي آهن.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو