پاڪستاني عدالتون اسٽيڪ هولڊرز جي اثر هيٺ آهن، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ديسڪ)آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ، پاڪستان جي عدليه جي  تمام منفي انداز ۾ تصوير ڪشي ڪندي چيو آهي ته چوڻ لاءِ ته ملڪ جو عدالتي نظام آزادي سان ڪم ڪندو آهي پر حقيقت مڪمل طور تي مختلف آهي. پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته پاڪستان جي عدليه حڪومت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي اثر هيٺ آهي ، هيٺين عدليه تي ايگزيڪٽو شاخ جو اثر ۽ قابليت ۽ شفافيت جو فقدان آهي، غيرحل ٿيل ڪيسن جي وڏي تعداد التويٰ جو شڪار آهن. هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتون نظرياتي طور تي آزاد آهن پر حقيقت مختلف آهي ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمنٽ جو عدالتن تي اهم اثر آهي ، ان جو نتيجو پاڪستان جي عدالتي نظام جي شفافيت  ۽ صلاحيت بابت شڪ آهي ، جڏهن ته ، ڪاروباري ۽ عام ماڻهو توهين عدالت جي ڪارروائي جي خوف کان عدالتي نظام جي ڪمزوري تي  تنقيد نٿا ڪن. رپورٽ مطابق ، ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي 2020 ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس موجب پاڪستان کي 180 ملڪن مان 124 هين نمبر تي رکيو ۽  چيو ته عمل درآمد ۽ احتساب نه ٿيڻ سبب ڪرپشن جا مسئلا برقرار آهن ، ميرٽ جي بنياد تي فيصلا نٿا ٿين. رپورٽ مطابق پاڪستان جي قانون موجب ررشوت هڪ ڏوه آهي ۽ ان جي سزا آهي ، پر رشوت هر سطح تي حڪومت تي حاوي آهي. جيتوڻيڪ اعليٰ عدالتن کي سٺي شهرت جو سمجهيو ويندو آهي  پر عدالتن کي ڪرپٽ ، نااهل ۽ امير ، مذهبي ، سياسي ۽ اسٽيبلشمينٽ شخصيتن جي دٻاءُ هيٺ رهي ٿي. عدالتي مقررين ۾ سياسي مداخلت عدليه تي حڪومتي اثر وڌائي ٿي. رپورٽ پاڪستان جي عدالتن جي قابليت ، شفافيت ۽ اعتبار تي مڪمل شڪ پيدا ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو