پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ غير مناسب آهي؛ اسد قيصر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي غير مناسب قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ هن وقت معاشي بحران ۾ آهي ان لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي لاءِ هي وقت مناسب ناهي ڇاڪاڻ ته پگهارون وڌائڻ سان ملڪي خزاني تي بار پوندو. هن چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر پگهارن ۾ واڌ جو مطالبو ايترو ڪن جيترو ملڪي خزانو اهو بار برداشت ڪري سگهي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته اسان پارليامينٽ جي ميمبرن ۾ پگهارن واري اضافي بابت بل جي حمايت نه ڪنداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد به چئي چڪو آهي ته تحريڪ انصاف جا سينيٽر به ان بل جي حمايت نه ڪندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف ان بل جي مخالف ڪندي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان قومي وسيلن جي بچت جي هدايتون ڪيون آهن. هن چيو ته قومي خزاني کي پاڻ تي استعمال نه ڪرڻ جي شروعات وزيراعظم پاڻ ڪئي آهي ملڪي معيشت مضبوط ٿيڻ تائين عوامي نمائندن کي به وزيراعظم جي تقليد ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار ۽ مراعاتن ۾ اضافي جا بل تيار ڪيا ويا آهن. ترميم جا 3 بل سينيٽ ايجنڊا ۾ به شامل ڪيا ويا آهن جيڪي سڀاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويندا.  

پهنجو تبصرو موڪليو