پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار ۾ اضافي لاءِ بل تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سميت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعاتن ۾ اضافي جو بل تيار ڪيو ويو آهي. پگهارن، الائونس ۽ مراعاتن جي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ 3 بل سينيٽ ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن جيڪي سومر ڏينهن سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويندا. اهو بل سينيٽر نصيب الله بازئي، سجاد حسين توري، دلاور خان، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ ٻين سينيٽرن طرفان جمع ڪرايا ويا. چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پگهار، الائونس ۽ مراعاتن ۾ اضافي جي بل ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ جي پگهار سپريم ڪورٽ جي جج جي بنيادي پگهار جيتري ڪئي وڃي. چيئرمين ۽ اسپيڪر جي پگهار 2 لک 25 هزار کان وڌائي 8 لک، 79 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي. بل مطابق ڊپٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي پگهار جي برابر يعني 1 لک 85 هزار کان وڌائي 8 لک 29 هزار رپيا ڪئي وڃي. جڏهن ته پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار الائونس ايڪٽ ۾ ترميم جي بل ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي پگهار 1 لک 50 هزار مان وڌائي 3 لک رپيا مقرر ڪئي وڃي جڏهن ته ميمبرن جي سفر لاءِ ٽرين جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪلاس ٽڪيٽ جي برابر رقم ڏني وڃي ۽ جهاز جي بزنس ڪلاس جي ٽڪيٽ مطابق سفر الائونس به ڏنو وڃي جڏهن ته روڊ جي سفر دوران ميمبرن کي 25 رپيا في ڪلوميٽر الائونس ڏنو وڃي. بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته پارليامينٽ ميمبرن جي ٻاهرين ملڪن جي دورن ۾ فرسٽ ڪلاس ايئر ٽڪيٽ ڏنو وڃي ۽ 25 فرسٽ ڪلاس بزنس ايئر ٽڪيٽون فراهم ڪيون وڃن. جڏهن ته ملڪ اندر پارليامينٽ جا ميمبر ان جي گهرواري يا ٻار به ان ٽڪيٽ جو استعمال ڪري سگهن. ٻڌايو ويو آهي ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي پگهارن ۽ مراعاتن ۾ اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ سان گڏ پارليامينٽ جي ميمبرن توڙي چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي به مهانگائي کان متاثر آهن جيڪي روز جو خرچ به برداشت نه ٿا ڪري سگهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ان کي جيڪا پگهار ملندي آهي ان سان ان جي گهر جو خرچ نه ٿو هلي سگهي ۽ وزيراعظم پنهنجي پگهار ۾ اضافي وارين خبرن جي سختي سان ترديد پڻ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو