پابندي باوجود مال پِڙيءَ جي اجازت، ايس او پيز رد

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند)هرهفتي لڳندڙ تلهار مال پڙي گذريل هفتي لاڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي بند ڪئي وئي هئي پر تعلقي ۽ ضلعي انتظاميه پاران بااثر مال پڙي جي ٺيڪيدار کان لکين روپيا رشوت وٺي ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ سميت سماجي وٿي  جون به ڌڄيون اڏائي ڇڏيون جنهن سبب بي انتها ماڻهن ۽ چوپائي جانورن جي پيهه وڌڻ ڪري ڪورونا وائرس ڦھلجڻ جو خدشو وڌي ويو  آهي. ٻي طرف سنڌ حڪومت جا حڪم به هوا ۾ اڏامي ويا تلهار مال پڙي ۾ ٻاهران آيل چوپائي مال ۽ واپارين جو وڏو انگ گڏ ٿيڻ ڪري مال پڙي ۾ اجتماعي ميلو مچي ويو انتظاميه ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ويتر مال پڙي جي ٺيڪيدار اڳيان گوڏا کوڙڻ تي بيوس بڻجي وئي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي چوٿئين خطرناڪ لهر هجڻ ڪري حڪومت پاران لاڪڊائون سبب مال پڙي سميت ٻيا ڪاروبار به بند ڪرڻ لاء حڪم جاري ڪيو هو. تلهار مال پڙي ۾ سنڌ جي شهر ڪراچي کان وٺي لاهور؛  خيبرپختونخواهه  بلوچستان؛ ۽ پنجاب سميت ٻاهران آيل وڏي تعداد ۾ چوپائي مال ۽ واپارين جو وڏو انگ شامل ٿئي ٿو جنهن سبب انتظاميه جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب بدين حيدرآباد مين روڊ تي گذرندڙ مسافر گاڏين توڙي ايمرجنسي ۾ مريض کڻي ويندڙ ايمبولينس گاڏين کي به ڪافي ڏکيائون پيش اچن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو