ٽڪ ٽاڪ تي ڪاروبارين لاءِ نئون پليٽ فارم متعارف

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين پاران تيار ڪيل مقبول ترين موبائيل ايپ ٽڪ ٽاڪ پاران ڪاروباري ماڻهن لاءِ نئون پليٽ فارم متعارف ڪرايو ويو آهي. بي بي سي موجب تڪ ٽاڪ پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته مختلف برانڊس جي مشهوري لاءِ ٽڪ ٽاڪ فار بزنس پليٽ فارم متعارف ڪرايو ويندو. ٽڪ ٽاڪ فار بزنيس جي پليٽ فارم تي برانڊس ۽ اشتهار ڏيندڙن کي ٽڪ ٽاڪ ڪميونٽي سان جڙڻ جو موقعو ملندو ۽ برانڊس کي اشتهاري مهمن ھلائڻ لاءِ مناسب شراڪت جي تلاش ڪرڻ ۾ سھولت فراهم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو