ٽي ايم او اعجاز شيخ جي قتل جا جوابدار گرفتار

سکر (جئيرام داس )آباد پوليس ٽاؤن آفيسر اعجاز شيخ جا قاتل گرفتار ڪري ورتا آھن. قتل ۾ ملوث مک جوابدار عامر باجڪاڻي ۽ امجد باجڪاڻي گرفتار ڪيا ويا ٽي ڏينھن اڳ ايئرپورٽ روڊ وٽ جوابدارن ٽاؤن آفيسر اعجاز شيخ جي ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو مقتول جي وارثن جي فرياد تي آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته اعجاز شيخ، عامر ۽ امجد باجڪاڻي کي سوسائٽي ۾ بنگلي خريد ڪرڻ لاءِ 20لک روڪ رقم ڏني ھئي جوابدارن نه بنگلو ڏنو نه وري رقم واپس ڪئي، رقم واپس گھرڻ تان قتل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن معاملي جي جاچ ڪري رھيون آھيو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو