ٽي ايل پي ۽حڪومت ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ گهرجي!

جاويد احمد چانڊيو

ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو بنياد مولانا خادم حسين رضوي 2015ع ۾ وڌو،جنهن جي وفات کان پوءِ ان جي فرزند سعد رضوي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪمان سنڀالي،پاڪ پيغمبرجي گستاخانا خاڪن خلاف۽ فرانس جي سفير جي بيدخلي ڪرڻ جو مطالبوڪيو ويوهو، اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻوبنا نتيجي ختم ٿيو ۽ احتجاج جو دائرو پوري ملڪ ۾ وڌايو ويو،ڪيترن علائقن ۾ فساد به ٿيا، ڪارڪنن تي ڪيس به داخل ڪيا ويا، هن وقت به علامه سعد رضوي تي اندازن 98 مختلف سنگين ڪيس داخل آهن،ڪجهه وقت پر اسرار خاموشي رهي،هڪ دفعو ٻيهرڪالعدم تنظم تحريڪ لبيڪ پاڪستان قافلن جي صورت ۾ اسلام آباد جو رخ ڪيوآهي،ملڪ جي مختلف شهرن کان آيل قافلا هر حال ۾اسلام آباد اچي پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ نڪتا آهن، موجود ه حڪومت کي دٻاءُ ۾آڻي فرانس جي سفيرجي بي دخلي لاءِ حڪومت کي مجبورڪيوپيووڃي،ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جيڪو معاملو پيش ڪيو آهي، گستانه خاڪا، ان اهم مسئلي تي پوري عالم اسلام ۾ مذمت ڪئي وئي، عالم اسلام ۾ احتجاج ڪيو ويو، سفارت خانن ۾ ياداشت نامو پيش ڪيو ويو،حڪومت پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو مذمت ڪري،اهڙا دل ڏکوئيندڙواقعا بند ٿيڻ گهرجن،ملڪ جون اڪثر سياسي مذهبي جماعتون احتجاج ڪري چڪيون آهن،ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ٿيندڙ احتجاج خطرناڪ رستو اختيارڪيو آهي، حڪومتي رٽ کي چئليج ڪرڻ سان امن جي اميد ختم ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي، قانون جي پاسداري ڪرڻ باشعورسٺي شهري جي سڃاڻپ آهي،هميشه پرامن فضا قائم ڪرڻ سان پوري معاشري ۾ سڪون فراهم ٿيندوآهي،هرانسان ۾ سڀ کان اول ته انسانيت هجڻ ضروري آهي،انسانيت سچي مذهب جي پرک هوندي آهي،احتجاج جي آڙ ۾ ڪاروباربند رکڻ سان وڏونقصان ٿئي ٿو، ايتري قدرجو ڏهاڙيدارجي گهرن ۾ فاقن جي نوبت به اچي ٿي، مين روڊرستا بند ٿيڻ وڏي اذيت پهچي ٿي، بيمارمريضن جو وقت سر اسپتال نه پهچڻ ڪري بي موت مري ويندا آهن،ڄاڻي واڻي نقصان۽ غيرفائديمند رستواختيار ڪرڻ سان پنهنجو ئي زبردست قسم جو نقصان آهي، مجبورماڻهون جي حالت انتهائي رحم جوڳي هوندي آهي،دنيا ترقي ڪري چنڊ تائين پهتي آهي، اسين تباهي بربادي ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون ،اهو آخر ڪيستائين رهندو، هنگاما، فائرنگ، پرتشدد جا واقعا اغوا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ، روڊ رستا مڪمل بند ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهن، ڪالعدم تنظم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جيڪو رستو اختيار ڪيوان جو جواب ته ان کي ملي ويوآهي،تنظيم تي پابندي، ويڙهاڪ دهشت گردي جا الزامن سان ان جي عوامي سطح يا عالمي ليول تي ڪهڙي حيثيت برقرارهوندي،اهو ته هر باشعور ماڻهون سمجهي سگهي ٿو،انتها پسندي جو داغ بدترين آهي،ان کي دهشت گرد تصورڪيو ويندو آهي،ملڪ ۾ حالتون خراب هجن ته ان جو تمام وڏوعالمي سطح تي اثر پوندو آهي، بيروني سرمايو رڪجڻ سان ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ سان بنياد ڪمزورٿيندا آهن ان جا اثر ملڪ جي ترقي خوشحالي پونداآهن،ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ٿيل جهڙپ جي نتيجي ۾ 4 پوليس نوجوانن جي شهادت پوري قوم کي سوڳواربڻائي ڇڏيوآهي،حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان غيرجمهوري رستو اختيار ڪيو آهي، ڳالهين کان فرارٿي بليڪ ميلنگ ڪري زبردستي ڏاڍ جي ذريعي جيڪي مطالبا رکيا ويا آهن،انهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، جائز مطالبن لاءِ حڪومت جا درکليل آهن، ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا ناپاڪ مقصد آهن،حڪومت جو موقف عوام اڳيان چٽوواضع آهي، مارچ ۾ شامل ڪارڪنن ڪيترن جي هٿن ۾ اسلحو هو،هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 پوليس جا نوجوان شهيد ٿي چڪا آهن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي،سوين سيڪورٽي اهلڪار نوجوان زخمي ٿيا آهن ڪيترن جي حالت نازڪ آهي، سرڪاري ملڪيتن کي سخت نقصان رسايو ويوآهي،احتجاج ڪندڙنام نهاد ٽولي جا ڪارڪن شديد فارنگ ڪندا رهيا، رستي ۾ ايندڙمقامي آبادي ۾ خوف حيراس پکيڙيوويو،ڪاروبار تباه معمول زندگي مفلوج ٿي وئي آهي،هوڏانهن سياسي مذهبي حڪومت مخالف ڌريون اهڙي قسم جا بيان ڏيئي رهيون آهن، جيڪي ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيئي رهيو آهن، حڪومت شروع کان نيڪ نيتي سان ڳالهين جي دعوت ڏني،حڪومت اهم مطالبا به تسليم ڪيا هئا، فرانس جي سفير جي بي دخلي سان عالمي سطح تي پاڪستان جووڏو نقصان آهي،عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، فرانس جي سفير جي بي دخلي ڪنهن صورت ۾ نه ٿي سگهندي،ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان کان سواءِٻين مذهبي توڙي سياسي ڌرين يا آل پارٽيز جوڪوبه اهڙو مطالبو نه آهي، ته فرانس جي سفير کي بي دخل ڪيو وڃي، جمهوريت ۾ هر هڪ کي مڪمل طور قانوني اخلاقي آزادي جوحق حاصل آهي، پنجاب کا ن شروع ٿيندڙڪالعدم تنظيم جو ڪافلو مري، جي ٽي روڊ ۽ ڪيترن علائقن ۾ داخل ٿيڻ سان پوليس سيڪورٽي ادارن سان جهڙپن جي نتيجي ۾ ڪيترائي علائقا جنگ جو ميدان بڻجي ويا،پوري پنجاب جي صورتحال ڏسندي امرجنسي نافذ ڪري ٻن مهينن تائين ريجرز کي مڪمل اختيارڏنا ويا آهن، پنجاب جي ڪيترن رستن کي مڪمل طور سيل ڪرڻ سان گڏ خندقون کوٽيون ويون آهن، ڪيترن شهرن جو زميني رابطوڪٽجي چڪو آهي، فون بند انٽرنيٽ سروس به بند ڪئي وئي آهي شهرن جو مسلسل بند هجڻ ڪري کاڌي پيتي ۽ ٻين شين جي کوٽ پيدا ٿئي آهي، ٽي ايل پي ۽ حڪومت ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سان انتشار جو ماحول بڻجن به سخت نقصان ڪارآهي،بيروني دشمن طاقتون پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ رتو ڇاڻ به ڪرائي سگهن ٿيون،خوني فساد ٿيڻ سان قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ سان فساد جنم وٺندا آهن،فساد تباهي بربادي جي علامت آهن،ڏٺو وڃي ماضي جي تجربن کي نظر اندازڪيو آهي،موجوده ملڪي صورتحال گهڻي تسلي بخش نه آهي،گذريل اڳ جا گهڻا پراڻا واقعا جيڪي اڻ وسرندڻ آهن، ڪراچي ۾ ڪارساز،نشترپارڪ ۾ مذهبي جماعت سني تحريڪ جي جلسي ۾ مسجدن، امام بارگاهن،نالي واري مذهبي اڳواڻن تي ۽ مختلف طريقن سان خوني حملا ٿيا قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون،وڏي واردات ڪنهن به قسم جي هجي انهن جو اصل مقصد امن تباهه ڪرڻ ۽فسادن جو بنياد وجهڻ هوندوآهي،حملوڪندڙآساني سان ڪم ڪندوآهي، انداز طريقا جديد مختلف هوندا آهن،جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو بيان به تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي وڏي طاقت بخشيندڙ آهي،ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ جي قيادت کي سودفعا غورڪرڻ گهرجي ته مولانا فضل الرحمان جي سکڻي پٺي ٺپڻ سان ڪيترو ڪامياب ٿي سگهن ٿا، مولانا فضل الرحمان به ڊزن جي لڳ ڀڳ سياسي مذهبي جماعت جا ڪارڪن ساڻ ڪري اسلام آباد آيو،واپس خالي هٿين روانيو ٿيون،مولانا فضل الرحمان کي ڪابه ڪاميابي نه ملي، سياسي مداري قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي سياسي ڪاروبار کي وڌيڪ چمائڻ جي ڪوشش ڪند آهن،وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي صدارت ٿيل اجلاس ۾ سخت قسم جا فيصلا ڪيا ويا،وزير داخلا شيخ رشيد احمد کي ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاملو درست اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو پابند بڻايو ويوآهي، وفاقي وزيرمذهبي امورپيرامين الحق قادري جون به ڪوششون جاري آهن،هوڏانهن پاڪستان جي نالي واري عالم مفتي منيب الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۾ ٿيل معاهدي ۾ فرانس جي سفير جي بي دخلي معاملوشامل نه آهي، حڪومت امن بحال رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري بي چيني ختم ڪري. (ليکڪ جي ذاتي راءِ آهي، ضروري ناهي ته ادارو ساڻس اتفاق ڪري، جيڪڏهن ڪو جواب ڏيڻ چاهي ته اسين ان جو موقف به شايع ڪنداسين)

پهنجو تبصرو موڪليو