ٽي ايل پي کي آخري چتاءُ، پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ رينجرز مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته فرانس جو سفير پاڪستان ۾ موجود ئي نه آهي، ٽي ايل پي جي ايجنڊا ڪا ٻي آهي. ٽي ايل پي وارا ڪلاشنڪوف بردار آهن اسانجا 3 اهڪار شهيد ڪيا ويا 70 کان مٿي زخمي آهن، آخري وارننگ ٿو ڏيان ته واپس وڃو روڊ کوليو نه ته مجبورن ڪارروائي ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جيان سموري پنجاب ۾ به رينجرز مقرر ڪري رهيا آهيون ۽ رينجرز ٻن مهينن لاءِ صوبي ۾ موجود رهندي. پنجاب حڪومت ڪٿي به ضرورت پوڻ تي رينجرز کي ڪارروائي لاءِ گهرائي سگهندي. شيخ رشيد چيو ته آرٽيڪل 147 تحت صوبي ۾ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ پنجاب حڪومت کي رينجرز کي ڪٿي به استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. شيخ رشيد چيو ته اسان ٽي ايل پي سان ڪيل وعدا پورا ڪيا، پر ٽي ايل پي وارا پنهنجن واعدن تان ڦري ويا. هنن خاطري ڪرائي هئي ته هو احتجاج بند ڪري رستا کولي ڇڏيندا. شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هنن تشدد جو دڳ نه ڇڏيو ته سڀاڻي هنن جو نالو عالمي دهشتگرد تنظيمن ۾ به شامل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو احترام ڪريان ٿو پر هو ٽي ايل پي نه اڪسائي. ڀارت مان به ٽي ايل پي جي سپورٽ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو