ٽيڪنيڪل بورڊ جي 10 مان 9 پوزيشنز ٿري شاگرد کڻي ويا

اسلام ڪوٽ(صادق بجير) پاڪستان جي ڏورانهين ضلعي ٿرپارڪر جي شاگردن فني تعليم جي شعبي ۾ پاڻ مڃائي ورتو ۽ 10 مان 8 پوزيشن ٿري شاگرد ٻهاري ويا. ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ پروگرام جي شاگردن سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي سالياني امتحان ۾ ميدان ماري ورتو.  اينگرو پاور جي100 سيڪڙو اسڪالرشپ تي ٽيڪنيڪل ڪاليج ڏھرڪي مان فني تعليم حاصل ڪندڙ 95 سيڪڙو شاگردن پڻ اي ون گريڊ ۾ امتحان پاس ڪري ورتو آھي. واضح رهي ته گذريل سال به بورڊ جي مٿين 10 مان 7 پوزيشون اينگرو ٽينڪنيل ڪاليج ڏهرڪي ۾ سکيا وٺندڙ ٿر جي شاگردن حاصل ڪيون هيون. اينگرو پاران ٽي سالا ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ جو ڪورس ڪرايو آهي. ھن پروگرام جو مقصد ٿر جي مستقبل ۾ ايندڙ منصوبن لاءِ فني فردي سگهه وڌائڻ آھي. بورڊ پاران پڌرو ڪيل نتيجن موجب نئون ڪوٽ سان تعلق رکندڙ سهيل ڪمار مهنڌرو مل 995  مارڪس کڻي پھرين پوزيشن، مٺي جي تيرٿ شيواڻي 981 مارڪون کڻي ٻئي پوزيشن، مٺي جي لليت ڪمار ديوداس 973 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن، ڏيپلي جي اتم هرجي مل 963 مارڪون کڻي چوٿين پوزيشن، اسلام ڪوٽ جي نريش ڪمار نٿورام 962 مارڪون کڻي پنجين پوزيشن، مٺي جي شنڪر لال پارومل 958 مارڪون کڻي ڇهين پوزيشن، مٺي جي ڌنيش ڪمار ڀارو مل 952 مارڪون کڻي اٺين پوزيشن، ڇاڇرو جي تاراچند 949 مارڪون کڻي نائين پوزيشن ۽ ڏيپلو جي ڪيلاش ڪمار ڪستورو مل 948 مارڪون کڻي ڏهين پوزيشن حاصل ڪئي. ٿر ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ پروگرام جي سموري بئچ کي واڌايون ڏيندي اينگرو انرجي جي سي اي او احسن ظفر سيد چيو آهي ته ڪمپني جي اسڪالرشپ تي پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ اينگرو پاورجين ٿر، سڄي ٿر لاءِ فخر جھڙي ڳالھه آھن. پھرين پوزيشن حاصل ڪندڙ سهيل ڪمار اينگرو پاور جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان کي اھڙو پليٽ فارم مھيا ڪيو ويو جنھن ذريعي اسان پنھنجي صلاحيتن کي مڃرائي گھربل نتيجا حاصل ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو