ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود پوليس ۾ آفر آرڊر نه مليا

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) سنڌ جي پوليس کاتي ۾ ڊرائيور ٽيسٽون پاس ڪرڻ باوجود نوڪرين کان محروم، آفر آرڊر نه ملي سگھيا، ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوان مايوسي جو شڪار، آئي جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس ۾ بطور سپاهي ڊرائيور جون ٽيسٽون پاس ڪندڙ ٺٽي ضلعي جي اميدوارن احتجاج ڪندي چيو آھي تہ کين سنڌ پوليس کاتي ۾ سپاھي ڊرائيور طور ڀرتيون شروع ڪيون ويون، ٽي سال ٽيسٽ کي ٿي ويا آھن پر کين اڃان تائين بحال نہ ڪيو ويو آھي. ھنن چيو تہ حيدرآباد ريجن ۾ 1372 اميدوار پاس ٿيا آھن، جن ۾ اسان لکت ٽيسٽ مهراڻ يونيورسٽي، ڊوڙ جي ٽيسٽ پوليس لائين ۽ ڊرائيونگ ۾ ايم ٽي او جي نگراني ۾ ۽ زباني ٽيسٽ کانئن ايس ايس پي حيدرآباد سيد پير محمد شاھ جي نگراني ۾ ٿي آھي، ان بعد فائينل لسٽ اچڻ باوجود اسان کي ميڊيڪل ۽ آفر آرڊر اڄ تائين ناهن ملي سگهيا. جڏهن ته اسان جون سڀ ٽيسٽون آرمي جي نگراني ورتيون ويون هيون، ھن وقت ڪافي نوجوان پنھنجي عمر وڃائي رھيا آھن. ھنن چيو تہ ميرپورخاص ريجن جي اميدوارن کي بحال ڪيو ويو آھي ۽ حيدرآباد ريجن وارن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي، سنڌ ھاء ڪورٽ پڻ پوليس کاتي کي آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، جنھن تي پڻ اڃان تائين عمل ناھي ٿي سگھيو. ھنن چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ کين ميڊيڪل ۽ آفر آرڊر جاري ڪري کين پنھنجا حق ڏيئي ميرٽ تي بحال ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو